آري چنگهڻ 2

آري چنگهڻ (لٺ ):هن ماڳ تي هڪ ڊگهو اڀو پٿر کٽل آهي جيڪو ممڪن آهي تہ اسلامي دور جو هجي. پٿريا لٺ ديھہ مول تعلقہ ٿاڻو بولاخان ضلعو ڄامشورو، اتر ويڪرائي ڦاڪ 25◦ 30′ 68″ اوڀر ڊگهائي ڦاڪ 67◦ 27′ 70″تي واقع موجود آھي. ھي ماڳ ھڪ پٿر جو اڻ گهڙيل منارو آھي، جيڪو ٤٠ . ٣ ميٽر اوچو ۽ ان جي ويڪر ٣٠ . ١ ميٽر (قطر) آھي. ھي ماڳ اڻ سروي زمين ۾ پير قبرستان'>آري پير قبرستان کان اولھہ ۾ تقريباً ٻن ڪلو ميٽرن تي آھي ۽ ڏکڻ ۾ نئين مول اٿس. ھي گول قسم جو، کتل پٿر آھي، جنھن تي عربي زبان ۾ ڪجهہ لکيل آھي. ھنديءَ ۾ بہ ڪا لکت اٿس. عربي لکت ڪوفي خط ۾ آھي. اصولي طور اِھو قبل از تاريخ جو ھجڻ کپي، پر عربي واري لکت ھن مينار جي قدامت تي اثرانداز ٿئي ٿي. وڏي ڳالھہ تہ پٿر، ڀر ۾ ٺھيل کروٿ جي اولھہ ۾ آھي. عربي ۽ ٻين ھندي اکرن تي تحقيق جاري آھي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو