آرٽِي/ آرٽڙِي: ڦٽين مان ڪڪڙا ڪڍڻ جي ڪَلَ. ڪاٺ جو فريم، جنهن ۾ ڪاٺيءَ جا ٻہ ويلڻ هوندا آهن، جن جي وچ ۾ ڦٽيون اينديون تہ چِپ سان ڪڪڙا هڪڙي پاسي نڪري ويندا ۽ صاف ڪپھہ ٻئي پاسي گڏ ٿيندي ويندي.