
آر اي شاهه
آر اي شاھہ: ڊاڪٽر رشيد احمد شاھہ عرف عام ڊاڪٽر آر اي شاھہ جي نالي سان مشھور آهي. 27 آڪٽوبر 1937ع تي ڪراچيءَ ۾ سيد باقر شاھہ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. جيڪو اصل ٺٽي جو بخاري سيد هو. مئٽرڪ اين جي وي هاءِ اسڪول ڪراچيءَ مان، بي ايس سي، ڊي جي سائنس ڪاليج مان، ايم اي ۽ ڊپلوما يونيورسٽي آف بيروت مان ۽ پي ايڇ ڊي 1969ع ڌاري آمريڪا جي نيويارڪ يونيورسٽي مان ڪيائين. هن نوڪريءَ جي شروعات سنڌ يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف ايجوڪيشن ۾ استاد جي حيثيت ۾ ڪيائين ۽ ساڳي يونيورسٽي ۾ وائيس چانسلر بہ ٿيو. ان کانسواءِ نيويارڪ يونيورسٽي ۾ ريسرچ ائسوسيئيٽ ڪوپس پراجيڪٽ، آمريڪا جي اين. جي. يونيورسٽي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر، اسلام آباد ۾ تعليم واري وزارت ۾ صلاحڪار ۽ سيڪريٽري، ڊائريڪٽر تربيت لاهور، شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور، لياري يونيورسٽي جو وائيس چانسلر ۽ ٻين بہ ڪيترن ئي عھدن تي رهي چڪو آهي.
1937.10.27 عيسوي
ڊاڪٽر آر . اي . شاهه 27 آڪٽوبر 1937ع تي ڪراچيءَ ۾ سيد باقر شاهه جي گهر ۾ پيدا ٿيو .