آزاديءَ جا اسير

آزاديءَ جا اسير

آزاديءَ جا اسير

آزاديءَ جا اسير (ڪتاب ):هيءُ ڪتاب حر تحريڪ جي قيدين جي فهرست تي مشتمل آهي. جن کي انگريز حڪومت مختلف سزائون ڏئي ”لوڙهن“ ۾ قيد ڪيو هو. هن ڪتاب ۾ انگريز سرڪار سان مهاڏو اٽڪائيندڙ ”حر تحريڪ“ جي اٽڪل ڇھن هزارن فقيرن، مردن ۽ عورتن جا نالا شامل آهن، جن پير سيد شاھہ مردان شاھہ ثاني سورهيه بادشاھہ جي اڳواڻيءَ ۾ حر تحريڪ سان پاڻ نڀايو هو. ان دوران سورهيه بادشاھہ ”وطن يا ڪفن، آزادي يا موت“ جو نعرو هڻي حر تحريڪ جي اڳواڻي ڪئي هئي. ان تحريڪ ۾ ڪيترن ئي حرن کي شھيد ۽ قيد بند جون صعوبتون ڏئي جهڪائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي، هن ڪتاب جو مهاڳ الھہ ورايي بھڻ لکيو آهي هيءُ ڪتاب روضي ڌڻي چيئر جي ريسرچ آفيسر مشتاق احمد نظاماڻي مرتب ڪيو آهي. هيءُ ڪتاب چئن حصن ۾ ورهايو ويو آهي. جنهن ۾ آزاديءَ کان اڳ جي قائم چئن ضلعن حيدرآباد، نوابشاھہ، سکر ۽ ٿرپارڪر ۾ قيد حرن جي فهرست ڏنل آهي. ڪتاب کي مختلف خانا ڏئي قيدين جو تفصيل ڏنو ويو آهي. انهن خانن ۾ جريان نمبر، سي. ٽي. آر نمبر، قيديءَ جو نالو ۽ عرفيت، پيءُ جو نالو، ذات، رهائش، پوليس ٿاڻو، رجسٽريشن ٿيڻ وقت قيديءَ جي عمر، رجسٽريشن ٿيڻ جو سال ۽ ريماڪس وغيرہ. ڪل ڏھہ خانا شامل آهن. جن ۾ قيدين جي تفصيل جي ڏيڻ ۾ ڀرپور ڪوشش ڪئي وئي آهي. 218 صفحن تي مشتمل ڊبل ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب جي قيمت 500 روپيا آهي، جنهن کي روضي ڌڻي چيئر شاھہ لطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ 2012ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. هيءُ ڪتاب هڪ تاريخي دستاويز آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو