آزاد (اخبار ):هي روزاني اخبار هئي، 1940ع ڌاري حاجي ﷲ بخش سومري جي سرپرستيءَ هيٺ نڪرندي هئي، گوبند مالهي ۽ قادر بخش اخبار جا مددگار هئا. هن اخبار جو پهريون ايڊيٽر مولانا عبدالڪريم چشتي هو، مولانا دين محمد وفائي ۽ رحيم داد خان مولائي شيدائي بہ هن اخبار جا ايڊيٽر ٿيا، بعد ۾ هي اخبار هفتيوار اخبار بڻي، گوبند لوڪرام ڀاٽيا بہ هن اخبار جو ايڊيٽر ٿي رهيو.