آزاد انور ڪانڌڙو

آزاد انور ڪانڌڙو

آزاد انور ڪانڌڙو

آزاد انور ڪانڌڙو: هن جو اصل نالو علي انور ڪانڌڙو آهي، هو 6 مارچ 1980ع تي ڳوٺ احمد خان ڪانڌڙي، تعلقي ميهڙ ضلعي دادوءَ ۾ پيدا ٿيو. ايم.اي سنڌي ادب ۾ ڪئي اٿس. هو سنڌ جو سڄاڻ صحافي ۽ ليکڪ آهي، سندس مضمون ۽ مقالا سنڌ جي مختلف ادبي رسالن ۾ شايع ٿيندا رهندا آهن. هو هن وقت صحافي آهي ۽ ميهڙ ۾ رهي ٿو. هن جي ڇپيل ڪتابن ۾ ”ڌرتيءَ جو شھيد“ (شخصيت 2005)، ”اعجاز جتوئي: محب وطن سياستدان“ (2006ع)، ”سمي صحرا، سمي دريا“(استاد بخاريءَ جي نثري تحريرن جي ترتيب: 2007ع)،”سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون“ (الھداد ٻوهيي جي مضمونن جي ترتيب: 2008ع) شامل آهن، جڏهن تہ ڪجهہ ڪتاب اڻ ڇپيل صورت ۾ وٽس موجود آهن، جن مان ”مولانا گراميءَ جون تحريرون“ سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو آهي.


لفظ آزاد انور ڪانڌڙوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1980.03.06  عيسوي

آزاد انور ڪانڌڙو 6 مارچ 1980ع تي ڳوٺ احمد خان ڪانڌڙي ، تعلقي ميهڙ ضلعي دادوءَ ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حاجي محمد پيرازدو
ڀائو در محمد ٻرڙو
بقادار شاھہ
راشدي بديع الدين شاھہ
فيض محمد شيدي
پاٽائي اسحاق قلندر سنڌي
عقيلي اين ايم
راج پٽ چندر برهمڻ
اشرف ڊبليو تاباني
ٽھل ايسرداس ڪيسواڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون