
آزاد بخاري
آزاد بخاري :مشهورشاعر۽ ڪهاڻيڪار آزاد بخاريجو اصل نالو عبدالڪريم شاھہ آزاد بخاري آهي.هن چڪ ضلعي شڪارپور۾ پهرين مئي 1966ع تي جنم ورتو. سندس تعليم بي. ڪام (1985ع)، ايم. اي سنڌي ۽ ايم. ايڊ (2011ع) آهي. چڪ جو مشھور صوفي شاعر شاھہ عبدالعزيز بخاري، آزاد بخاريءَ جي پڙڏاڏي مولوي غلام رسول شاھہ جو ننڍو ڀاءُ هو. آزاد بخاريءَ جا وڏا پنھنجي دور جا ديني عالم هئا. تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ تعلقي لکيءَ جي شھر عبدوءَ جي هاءِ اسڪول ۾ ڊرائنگ ماستر مقرر ٿيو. هن شاعريءَ سان گڏ ڪهاڻيون ۽ ڪالم لکيا ۽ ڪيترا ترجما پڻ ڪيا آهن. سندس ڇپيل ڪتاب هن ريت آهن: ”سندر ناري“ (ڪهاڻيون: 1986ع)، ”رواداري“ (ترجمو: 2007ع)، ”گل، خوشبو، ٻار“ (ٻارن لاءِ شاعري: 2008ع)، ”سيڪيولرزم ڇا آهي؟“ (ترجمو: 2008ع)، ”بنياد پرستي ڇا آهي؟“ (ترجمو: 2008ع)، ”ڪامريڊ ابو شوڪت حمزو“ (شخصيت ۽ جدوجھد: 2008ع)، ”نچڻا کيڏڻا کلڻا ٻار“ (ٻارن لاءِ شاعري: 2011ع)، ”مري شال ملهايان“ (قومي شاعري: 2013ع)، ”چڪ جا چندن هار“ (شخصيتون: 2014ع)، “سائنس ڏنوسوجهرو“ (ٻارن لاءِ سائنسي شاعري: 2015ع)، ”جهڄيو جهانگين ڪاڻ“ (ڪامريڊ ابو شوڪت حمزو، ٻيو ڇاپو: 2018ع) ۽ ”حق سڃاڻ اي ٻار“ (ٻالڪ شاعري: 2019ع). پاڻ هن وقت چڪ شھر ۾ رهائش پذير آهي.
1966.05.01 عيسوي
آزاد بخاري پهرين مئي 1966ع تي جنم ورتو .