آزاد حنيف

آزاد، حنيف: قائداعظم جو ڊرائيور فلمي اداڪار، آزاد حنيف، 16 آڪٽوبر 1916ع تي، دھليءَ ۾ ڄائو، پنھنجي نوجوانيءَ ۾ ئي، جڏھن ھن اڃا تعليم به مڪمل نه ڪئي ھئي، روزگار جي تلاش لاءِ عملي زندگيءَ جو آغاز ڪيائين ۽ بعد ۾ ڊرائيوريءَ ۾ مھارت حاصل ڪري ٻن وڏن ادارن سان لاڳاپيل رھيو.
آزاد حنيف ٻاروتڻ کان وٺي باغ بھار شخصيت جو مالڪ ھو، ھن پھريون دفعو گڏيل ھندستان ۾ ٺاھيل فلم ”حقدار“ ۾ ھڪ مختصر ڪردار ادا ڪيو، جيڪو کيس، فلمي دنيا ۾ متعارف ڪرائڻ جو سبب بڻيو. انھن ئي ڏينھن ۾ ھو قائداعظم سان ويجھو ٿيو. ھن ھڪ وڏو عرصو قائداعظم جي ڊرائيور جي حيثيت ۾ گذاريو.
قائداعظم جي وفات کان پوءِ پاڪستاني فلمن ۾ ڪم ڪندو رھيو، سندس مشھور فلمن ۾ ”محبوبه“، ”قاتل“، ”انوکي“، ”ڪنواري“، ”نذرانه“ ۽ ڪارنامه“ شامل آھن، سيپٽمبر 1986ع ۾ وفات ڪيائين.


لفظ آزاد حنيفھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1916.10.16  عيسوي

آزاد حنيف ، 16 آڪٽوبر 1916ع تي ، دھليءَ ۾ ڄائو.


1986.09.00  عيسوي

آزاد حنيف سيپٽمبر 1986ع ۾ وفات ڪيائين .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بنيتا ناگپال
رحمان ملڪ
محمد اڪرم سمو
باقر سنائي
پير مٺا سائين حضرت خواجه محمد عبدالغفار
روشن علي شاهه روشن
عزيز جعفراڻي
احمد ابراهيم
سعيد خان چغته
دائود سهتو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون