آزاد صوفي

آزاد صوفي

آزاد صوفي گائڪ

آزاد صوفي (گائڪ): مشھور سنڌي گائڪ آزاد صوفيءَ جو اصل نالو پرسرام بودالال درياناڻي هو. 15 فيبروري 1930ع تي خيرپور ميرس، سنڌ ۾ ڄائو. ڌرمي حوالي سان، مختلف سُرن ۾ ڪيترائي گيت ڳائي مشھور ٿيو. جي ماسٽرس وائس پاران سندس ڪيترائي ڪلام، قواليون، غزل، سلوڪ، پلئو ۽ آرتيون رڪارڊ ڪيل آھن. ڀارت جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ هن سنڌي سنگيت جا پروگرام ڪيا. ھندستان جي مختلف ريڊيو اسٽيشنن تان سندس ڳايل ڪلام ۽ ڌرمي گيت نشر ٿيا. 1968ع کان 1978ع تائين سندس ڪلامن جا ”ٺار ماتا ٺار“، ”ست نارائڻ جي ڪٿا“، ”ڪرم ڪرين يا ڌرم ڪرين“، ”جوڙ جُتيءَ جو ناهيان“، ”هر رنگ ۾ رڱيل“، ”جئه جئه ڀولي ناٿ ڀنڊاري“، ”صوفين جي سوغات“، ”شو راتڙي مھاتم“ ۽ ٻيا البم رليز ٿيل آھن.هن شاهه لطيف، سچل سرمست ۽ بلھي شاهه سميت ڪبير ڀڳت جي دوهن کي پنھنجي خاص صوفي گائڪيءَ ۾ ڳايو آهي. 17 سيپٽمبر 1982ع تي احمد آباد، گجرات ۾ وفات ڪئي. سندس ڌي ۽ مشھور سماجي ورڪر ديپا آزاد صوفي پاران، پنھنجي والد جي ياد ۾ آزاد صوفي ميموريل ٽرسٽ به قائم ڪيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1930.02.15  عيسوي

آزاد صوفي 15 فيبروري 1930ع ۾ خيرپور ، سنڌ ۾ ڄائو .


1982.09.17  عيسوي

آزاد صوفيءَ 17 سيپٽمبر 1982ع تي احمد آباد، گجرات ۾ وفات ڪئي



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بخشو ۽ صادق علي
سوڍو جوڳي
سينگار علي سليم
ٻالڪ سنڌي
مختيار شيدي
الهڏنو جوڻيجو
فقير عبدالغفور
ضامن علي
صنم مارئي
شفيع محمد جمن
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون