آزاد قاضي

آزاد قاضي

آزاد قاضي

آزاد قاضي: مشھور اديب، محقق، نقاد ۽ مترجم آزاد قاضيءَ جو اصل نالو عبدالاحد ولد محمد حسن جوڻيجو آهي، هو 15 نومبر 1956ع تي قاضي دڙا، تعلقي ڏوڪريءَ، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. لائبرري سائنس ۾ ماسٽرس 1985ع ۾ ۽ ايم اي (سنڌي ادب) 1993ع ۾ شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪيائين. 2014ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان سيد غلام مرتضيٰ ”جي ايم سيد جي سنڌي ٻولي ۽ ادب لاءِ ڪيل ڪاوشن جو تحقيقي جائزو“ جي عنوان سان مقالو لکي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ورتائين. شاھہ عبداللطيف ڀٽائي چيئر ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ڊاڪٽر درشھوار سيد جي سربراهيءَ ۾ پنجن سالن لاءِ ريسرچ پروجيڪٽ ۾ ڪم ڪيائين. ان بعد 2001ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو، جتان 15 نومبر 2016ع تي اسسٽنٽ پروفيسر طور رٽائر ٿيو. ڊاڪٽر آزاد قاضي 1983ع ۾ مومل پبليڪيشن حيدرآباد جو ايڊيٽر، 1992ع کان ماهوار جياپو ڪراچيءَ جو ايڊيٽر ۽ 2020ع کان ’صداءِ محبت‘ سيريز راڌڻ جي ايڊيٽر طور ڪم ڪري رهيو آهي. ان کانسواءِ پاڻ 1976ع کان قومي سياست سان لاڳاپيل آهي. آزاد قاضيءَ 1973ع کان لکڻ جي شروعات ڪئي. شروع ۾ ٻارن لاءِ شاعري، ان بعد ڪهاڻيون لکيون. هن ڀنڀور اشاعت گهر حيدرآباد، رني ڪوٽ پبليڪيشن حيدرآباد، فڪرِ نؤ پبلشنگ هائوس ڪراچي، جي.ايم. سيد لٽرري سوسائٽي ڪراچيءَ طرفان 100 کن ڪتاب ڇپايا آهن. سندس طبعزاد، ترجمي ۽ ترتيب ڏنل ڪتابن جو وچور هن ريت آهي: ”لامون تنهن وڻ سنديون“ (ترتيب: 1978ع)، ”سنڌ جي سورمي مايين“، ”سنڌ جون انقلابي عورتون“ (1982ع)، ”قومي آزادي جون تحريڪون ۽ سوشلسٽ ملڪ“ (ترجمو: 1982ع)، ”قول فيصل“ (ترجمو: 1984ع)، ”جي ايم سيد جي تعليم“ (ترتيب: 1986ع)، ”ڀٽو ازم ڪيئن ۽ ڪنهن لاءِ؟“ (1987ع)، ”سامراج: هڪ تاريخي جائزو“ (ترجمو: 1988ع)، ”پليجي جا ڪارناما“ (ترتيب: 1988ع)، ”مولانا ابوالڪلام آزاد ۽ سرمد شھيد“ (ترتيب: 1988ع)، ”الجزائر جي جدوجھد آزادي“ (1989ع)،”رهزن ڪير قوم جو“ (1989ع)،”انقلابي ماءُ“ (ترجمو: 1989ع، ”روس جو سير“، (1990ع)،”لبرل ازم ۽ انقلاب دشمني“ (ترجمو: 1990ع)، ”سوڀ سدائين سچ جي“ (تنقيد: 1990ع)، ”سنڌ پنجاب جي ڪالوني“ (1990ع)،”تنظيم ڪيئن ڪجي؟“ (ترجمو: 1991ع)،”سنڌين جو اتحاد ۽ شر پسند ٽولا“ (1991ع)،”عورت ۽ قومي آزاديءَ جا انقلاب“ (1991ع)،”سنڌ جي قومي جدوجھد ۽ جي ايم سيد“ (سائين جي ايم سيد بابت لکڻيون) (ترتيب: 1992ع)،”جي ايم سيد ۽ نيشنلزم“ (ترتيب: 1996ع)،”اريٽيريا جي جدوجھد آزادي“ (1996ع)،”شاھہ عبداللطيف ڀٽائي هڪ مطالعو“ (ترتيب: 1997ع)،”سنڌ جو آواز“ (ترتيب: 1998ع)،”سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري ۽ بھاري مسئلو“ (ترتيب: 1998ع)،”جي ايم سيد، ڊاڪٽر درشهوار سيد جي نظر ۾“ (ترتيب: 1999ع)، ”شھيد الھہ بخش سومرو: شخصيت ۽ سياست“ (ترتيب: 2000ع)،”سيد جو ساٿي حفيظ قريشي“ (ترتيب: 2001ع)،”سنڌ ۽ عدليه کان انتظاميہ جي عليحدگي“ (ترتيب: 2002ع)،”گلابي گل“ (ٻارن لاءِ شاعري: 2002ع)،”سلطان اولياءَ خواجہ محمدالزمان هڪ مطالعو“ (ترتيب: 2002ع)،”ورچي نہ ويٺي“ (سائين جي ايم سيد بابت) (ترتيب: 2003ع)،”آيو تڙ تماچي“ (رئيس ڪريم بخش نظاماڻي جا خط ۽ خيال)،”محال مانجهندن جو تعليمي ۽ تنظيمي پروگرام“ (سائين جي ايم سيد جو ڪتاب وڌايل) (ترتيب/تحقيق: 2004ع)،”پيام عمل“ (ترتيب: 2004ع)،”چونڊ سماجي مضمون“ (ترتيب: 2004ع)،”سمنڊ سُوجهيائون“ (ترتيب: 2004ع)،” حاصل جنين حال“ (سائين جي. ايم سيد جا محمد امين کوسي ڏانهن خط، ترتيب: 2004ع)،”سڏ پڙاڏو“ (محمد ابراهيم جويي جا خط ۽ خيال، ترتيب: 2004ع)،”سنڌ جو قديم ورثو“ (ترتيب: 2006ع)،”شھيد مخدوم بلاول“ (ترتيب: 2006ع)،”جي ايم سيد ۽ سنڌ جي جياپي جو سوال“ (علي احمد بروهي جون لکڻيون) (ترتيب: 2006ع)، ”سور وهايان سرتيون“ (ڊاڪٽر درشهوارجون لکڻيون، ترتيب: 2006ع)، ”سيد جي ڪهاڻي شاعر جي زباني“ (شاعري: 2006ع)، ”سرڳ ڏانهن پنڌ عرف منهنجو موت“ (نرمل جبوتاڻي جو مواد) (ترتيب: 2006ع)، ”سچل سرمست جون سي حرفيون“ (ترتيب: 2006ع)، “ادب جي تعميري واٽ“ (2008ع)، ”شاھہ عبداللطيف: سنڌي سماج جو ترجمان“ (2008ع)، ”وحدت نامہ“ بيدل فقير (ترتيب: 2009ع)، ”شھيد هيمون ڪالاڻي“ (ترتيب: 2009ع)، ”فقيرن جو سڳڙو“ (ورند واڻئي جو ڪلام: 2010ع)، ”شھيد دولھه درياءَ خان“ (ترتيب: 2010ع)، ”جي ايم سيد: رني ڪوٽ کي نروار ڪندڙ“ (تحقيق: 2010ع)، ”جي جيءَکي جيارين“ (ترتيب: 2011ع)“، ”پير حسام الدين (سوانح ۽ علمي ڪارناما، ترتيب: 2011ع)“، ”ڄام نظام الدين سمون“ (ترتيب: 2011ع)، ”موجودہ سياسي سوال ۽ فرياد سنڌ“ (ترتيب: 2011ع)، ”انقلاب روس ۽ بالشويڪ پارٽي“ (ترتيب: 2011ع)، ”انقلاب ويٽنام“ (ترجمو: 2012ع)، ”خلافت تحريڪ ۽ سنڌ“ (ترتيب: 2013ع)، ”سنڌي ادب ۽ مرزا قليچ بيگ“ (ترتيب: 2013ع)، ”ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي“ (ترتيب: 2015ع)، ”شھيد روپلو ڪولهي“ (ترتيب: 2015ع)، ”شھيد دودو سومرو“ (2015ع)، ”خط ۽ خيال“ (جي ايم سيد ۽ ڊاڪٽربلوچ، تحقيق: 2015ع)، ”بيدل فقير“ (ترتيب/تصحيح: 2016ع)، ”جي ايم سيد ۽ انجمن، سادات مٽياري“ (2017ع)، ”سنڌين جي تنزل ۽ غلامي جا ڪارڻ“ (سائين جي ايم سيد جو مواد، ترتيب: 2017ع)، ”جيئن ڏٺو آھہ مون جو مطالعو“ (ترتيب/تحقيق: 2017ع)، ”انيس شاھہ جيلاني بنام جي. ايم سيد“ (ترتيب/تحقيق: 2017ع)، ”خط ۽ خيال“ (مرزا قليچ بيگ ۽ جي ايم سيد جا تعلقات، ترتيب: 2018ع)، ”قومي حقِ خود اراديت جو عالمي پس منظر“ (2019ع)، ”شاھہ جو رسالو“ (ترتيب/تصحيح: 2019ع)، ”ڳالهيون ڳڻائتن جون“ (سائين جي ايم سيد بابت لکڻيون) (ترتيب: 2020ع)، ”اسين ۽ آزادي“ (قاسم پٿر جون لکڻيون، ترتيب: 2020ع)، ”مهراڻ اوائلي دؤر 1“ (2020ع)، ”خط ۽ خيال“ (سائين جي ايم سيد ۽ غلام رباني آگري جا تعلقات، ترتيب/تحقيق: 2020ع)، ”چٽي چانڊاڻ ۾ ملبو“ (سائين جي ايم سيد بابت لکڻيون، ترتيب: 2021ع)، ”قومي ڪارڪن شفيع محمد سنڌي“ (ترتيب: 2021ع)، ”جي. ايم سيد ۽ قومي حق خود اراديت“ (2021ع)، ”سنڌيت ۽ وفاقيت“ (ترتيب: 2021ع) وغيرہ. ڊاڪٽر آزاد قاضي هن وقت راڌڻ، تعلقي ميهڙ ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ آزاد قاضيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1956.11.15  عيسوي

آزاد قاضي 15 نومبر 1956ع تي قاضي دڙا ، تعلقي ڏوڪريءَ ، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

راجا بل عرف ابن سومرو
بگٽي شر
جوش شيخ عبدالحليم
هيرو شيوڪاڻي پروفيسر
شاھجھان
جاگيراڻي غلام مرتضيٰ خان
ابوالفضل
صبيحه خانم
پلي حافظ در محمد
شاھہ خواجہ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون