آسر داس، صوفي: صوفي آسرداس جا وڏا اصل خيرپور جا هئا، پر پوءِ حيدرآباد ۾ اچي رهيا. مسٽر ٽهلرام آسودومل پنهنجي ڪتاب ”سنڌ جا سنت“ ۾ لکي ٿو ته: ”پوءِ ميرانپور تعلقي گونيءَ ۾ لڏي وڃي ويٺا.“ صوفي آسر داس اتي ڄائو، پر تڪڙو ئي سندس وڏا اتان لڏي اچي وري به حيدرآباد ۾ رهيا. آسرداس جي تعليم ۽ تربيت حيدرآباد ۾ ٿي.
صوفي آسرداس جھوڪ شريف جي گادي نشين صوفي فضل الله جو مريد ۽ صحبتي هو ۽ اتان ئي فيض پرايو هئائين. تذڪره نگار ۾ لطف الله بدوي لکيو آهي ته: ”هي درويش جھوڪ شريف جو پانڌيئڙو هو ۽ پنهنجي فقيراڻي خصلت ۽ خوبيءَ کان شهر ۾ ڪافي مقبول هو.“ آسر داس هڪ اهڙو صوفي فقير هو، جنهن وٽ ڪيترائي علم جا اڃايل اچي پنهنجي اندر جي اڃ اجھائيندا هئا. صوفي دلپت جھڙو بزرگ ۽ مشهور صوفي شاعر به وٽانئس ئي رڱجي لال ٿيو هو. چون ٿا ته وٽس طالبن جو هر وقت وڏو هجوم رهندو هو . روزانو صوفياڻي راڳ جي محفل ٿيندي هئي، هر وقت ڀنڊارو هلندو رهندو هو، ڪابه لالچ وغيره نه هوندي هيس. سندس چهري تي ڪڏهن به ڪنهن ڪاوڙ نه ڏٺي. سندس گفتار ۾ ايڏو ته ميٺاج هوندو هو، جو ماڻهو هن جي گفتار ٻڌي موهجي پوندا هئا. آسرداس چڱو شاعر هو، پر افسوس جو سندس ڪلام لڳ ڀڳ اڻ لڀ ٿي ويو آهي. سندس ڪجهه بيت ۽ هڪ ڪافي موجود آهي، جنهن جي اڀياس مان پتو پوي ٿو ته ڀائي آسرداس ڪهڙن عميق خيالن جو عارف ۽ پختو شاعر هو. سندس مختصر ڪلام نموني طور پيش ڪجي ٿو:
مـايـا اچـڻـي وڃـڻي، ڪـهڙي ڪـهڙي ڀاءِ،
ڪن جي چور کڻي ويا، ڪن جي ساڙي باهه،
ڪن جي دٻي رهي ڌوڙ ۾، ڪن جي راجا کاءِ،
سڦلي ٿيندي ساءِ، جا ڏيندين نام ڌڻيءَ جي.