آسر داس صوفي

آسر داس، صوفي: صوفي آسرداس جا وڏا اصل خيرپور جا هئا، پر پوءِ حيدرآباد ۾ اچي رهيا. مسٽر ٽھلرام آسودومل پنھنجي ڪتاب ”سنڌ جا سنت“ ۾ لکي ٿو تہ: ”پوءِ ميرانپور تعلقي گونيءَ ۾ لڏي وڃي ويٺا.“ صوفي آسر داس اتي ڄائو، پر تڪڙو ئي سندس وڏا اتان لڏي اچي وري بہ حيدرآباد ۾ رهيا. آسرداس جي تعليم ۽ تربيت حيدرآباد ۾ ٿي.
صوفي آسرداس جهوڪ شريف جي گادي نشين صوفي فضل جو مريد ۽ صحبتي هو ۽ اتان ئي فيض پرايو هئائين. تذڪره نگار ۾ لطف بدوي لکيو آهي تہ: ”هي درويش جهوڪ شريف جو پانڌيئڙو هو ۽ پنھنجي فقيراڻي خصلت ۽ خوبيءَ کان شھر ۾ ڪافي مقبول هو.“ آسر داس هڪ اهڙو صوفي فقير هو، جنهن وٽ ڪيترائي علم جا اڃايل اچي پنھنجي اندر جي اڃ اجهائيندا هئا. صوفي دلپت جهڙو بزرگ ۽ مشھور صوفي شاعر بہ وٽانئس ئي رڱجي لال ٿيو هو. چون ٿا تہ وٽس طالبن جو هر وقت وڏو هجوم رهندو هو . روزانو صوفياڻي راڳ جي محفل ٿيندي هئي، هر وقت ڀنڊارو هلندو رهندو هو، ڪابہ لالچ وغيرہ نہ هوندي هيس. سندس چهري تي ڪڏهن بہ ڪنهن ڪاوڙ نہ ڏٺي. سندس گفتار ۾ ايڏو تہ ميٺاج هوندو هو، جو ماڻهو هن جي گفتار ٻڌي موهجي پوندا هئا. آسرداس چڱو شاعر هو، پر افسوس جو سندس ڪلام لڳ ڀڳ اڻ لڀ ٿي ويو آهي. سندس ڪجهہ بيت ۽ هڪ ڪافي موجود آهي، جنهن جي اڀياس مان پتو پوي ٿو تہ ڀائي آسرداس ڪهڙن عميق خيالن جو عارف ۽ پختو شاعر هو. سندس مختصر ڪلام نموني طور پيش ڪجي ٿو:
مـايـا اچـڻـي وڃـڻي، ڪـهڙي ڪـهڙي ڀاءِ،
ڪن جي چور کڻي ويا، ڪن جي ساڙي باھہ،
ڪن جي دٻي رهي ڌوڙ ۾، ڪن جي راجا کاءِ،
سڦلي ٿيندي ساءِ، جا ڏيندين نام ڌڻيءَ جي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو