آسمان

آسمان

آسمان

آسمان: زمين جي مٿان ظاھري گنبذ، جيڪو فلڪي نظام ۽ ھوا جي گولي جي حادثن جو پس منظر آھي. آسمان جي نيري رنگ سبب ھوا جي گولي ۾ مٽيءَ ۽ ٻاڦ جي ننڍن ننڍن ذرڙن مان روشنيءَ جي لھرن جو گذر ٿئي ٿو. ڪرڻن جون وڏيون لھرون (ڳاڙھيون ۽ پيليون) انھن ذرڙن مان سولائيءَ سان لنگهي وڃن ٿيون، پر ننڍڙيون لھرون منتشر ٿي پکڙجي وڃن ٿيون. اھوئي ڪارڻ آھي جو آسمان ان وقت گهڻو نيرو نظر ايندو آھي، جڏھن ھوا ۾ مٽيءَ جا ذرڙا گهٽ ۽ تمام سنھڙا ھوندا آھن. آڳاٽي زماني ۾ ماڻھو ائين ڀائيندا ھئا تہ آسمان دنيا جي ڇت آھي ۽ تارا آسمان ۾ جڙيل بتيون آھن. تہ وري ڪن ماڻھن جو خيال ھو تہ آسمان جي ٻئي پاسي جنت آھي. انھن ماڻھن جو اھو بہ خيال ھو تہ تارا دراصل آسمان ۾ ٺھيل سوراخ آھن، جن مان جنت جي روشني نظر اچي ٿي.
حضرت مسيح واري دؤر ۾ انسانن جو اھو پختو خيال ھو تہ آسمان ۾ جنڊ جي پڙن وانگر ست پڙ آھن، جن ۾ تارا جڙيل آھن. سج ۽ چنڊ پڻ آسمانن ۾ جڙيل آھن. انھيءَ ڪري ئي ستن آسمانن وارو تصور انسان جي ذھن ۽ علم ادب ۾ موجود آھي. ماڻھن سمجهيو تہ جيڪڏھن آسمان ست آھن تہ لازمي طرح زمينون بہ ست ھونديون، اھڙيءَ طرح ستن آسمانن ۽ ستن زمينن جي تصور وجود ورتو.


لفظ آسمانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو