آسواڻي

آسواڻي:”سنڌ جي هندن جي تاريخ“ موجب هيءُ گچيري تعلقي موري جا ويٺل آهن. مير فتح علي خان ٽالپر جي صاحبيءَ ۾ حيدرآباد ۾ واپار سانگي آيا، جتي پوءِ هميشہ لاءِ رهي پيا. انهن گچيراين مان هڪ آڪھہ وارا پنھنجي وڏي ڏاڏي ڀائي آسو مل جي نالي پٺيان پاڻ کي ”آسواڻي“ سڏائين ٿا. حيدرآباد ۾ گچيراين جي پنچائت ئي ڌار آهي، ۽ وقت بوقت پنهنجيءَ پھر مان ڪو معزز چونڊي، کيس پنهنجو مکي ڪندا آهن. آسواڻين مان ڪي پڙهي پيا آهن، نوڪرين ۾ آهن، مگر ٻيا عام طرح اڄ تائين ڌنڌو ڌاڙي ڪن ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو