آسودا رام سنت

آسودا رام سنت

آسودارام سَنت

آسودارام ، سَنت: مشھور رشي ۽ سنت آسودا رام صاحب جنهن کي سنڌ ۽ هند ۾ ’سخي بابا ‘ جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو ۽ جنهن جي نالي تي لکنؤ ڀارت ۾ هڪ وڏو آشرم بہ آهي ۽ پني عاقل شھر ۾ هڪ آستان ۽ سخي بابا جنرل اسپتال بہ قائم آهي . سنت آسودارام ضلعي سکر جي تعلقي پنوعاقل ۾ 1895ع ڌاري ڳوٺ عالم خان جتوئيءَ ۾ ڄائو . سندس والد جو نالو لڌڙو مل هو . ننڍي هوندي کان ئي تنھائي پسند هو ۽ هر وقت ڌڻيءَ جي ذڪر فڪر ۾ گذاريندو هو ، کيس ننڍي هوندي ئي سندس والد پنھنجي مرشد سنت سترام داس وٽ ڇڏي آيو ، جتي 13 سال رهيو ۽ اتي گانئن ( ڳَئُن ) جي خدمت ڪيائين . بعد ۾ مرشد جي حڪم تي موٽي ڳوٺ آيو . 1940ع ۾ مرشدن جي حڪم سان پني عاقل ۾ آستان جي اڏاوت ڪرايائين ۽ 1942ع ۾ اڏاوت مڪمل ڪري اتي رهائش اختيار ڪيائين ، جتي پري پري کان حاجت مند اچي حاضريون ڀري ۽ من جون مرادون حاصل ڪرڻ لڳا . سنت آسودارام صاحب 4 سيپٽمبر 1960ع ۾ 64 ورهين جي عمر ۾ پرلوڪ پڌاريو ۽ ان آستان ۾ ئي سندس سماڌي ٺاهي وئي ، جتي هند سنڌ کان سندس عقيدتمند اچي مٿو ٽيڪيندا آهن . آسودارام درٻار پني عاقل ۾ هر سال ميلو بہ لڳندو آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1895.00.00  عيسوي

سنت آسودارام ضلعي سکر جي تعلقي پنوعاقل ۾ 1895ع ڌاري ڳوٺ عالم خان جتوئيءَ ۾ ڄائو


1960.09.04  عيسوي

سنت آسودارام صاحب 4 سيپٽمبر 1960ع ۾ 64 ورهين جي عمر ۾ پرلوڪ پڌاريو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سمڀا بن ڪرشنا
سيد محمد شاھہ امروٽي مولانا
قاضي پاٽائي شفيع محمد
شيخ عبدالمجيد سنڌي
اڏيرو لال
غلام قادر لنجواڻي
پلي حافظ در محمد
ديوان گدو مل
جوڻيجوعبدالخالق
رام سنگهہ سوڍو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون