آسورن جو دڙو: هي دڙو قبل از تاريخ/ سنڌو تھذيب سان تعلق رکي ٿو. بدين شھر کان ٥ ميل اتر- اولھہ. ديھہ پنو، تپو پنو، لڳ ڳوٺ حاجي لکاني ساريي وٽ واقع آهي. ھي ماڳ آسورن جي نالي پويان آھي، ھي اصلي دراوڙ ھئا ۽ آرين سان مھاڏو اٽڪايو ھئائون. رگويد ۾ ھنن لاءِ آرين برا لفظ ڪتب آندا آھن. ھي دڙو زمين کان چار فوٽ مٿي ۽ ايڪڙ کن جي ايراضيءَ ۾ پکڙيل آھن. ھي شھر ريڻ دريا جي ڪناري تي آباد ھو. مٿاڇري تان سرن جا اڌڙ، ٺڪراٺو، ٽامي جا ڪٽيل سڪا ۽ اڱر جهجهي تعداد ۾ مليا آھن. ھي بستي ڪلھوڙن جي ڏينھن ۾ ڦٽي. اڱرن جو گهڻو تعداد ٻڌائي ٿو تہ ھن شھر کي باھہ ڏنل آھي.