آسو رام: صوفي ۽ ويدانتي شاعر آسو رام هالا پراڻا جو رهاڪو هو. سندس جنم 1824ع ڌاري اتي ئي ٿيو. سندس اصل نالو آسومل هو، پر فقيراڻي ويس ڍڪڻ کانپوءِ کيس ’صوفي آسورام‘ يا ’ساڌو آسو رام‘ سڏيندا هئا. صوفي آسورام جي پاڙي ۾ هڪڙو درويش سيد فقير علي شاهه رهندو هو، جيڪو معذور هوندي به اعليٰ درجي جو نبض شناس ۽ حڪيم هوندو هو. آسو مل ان صوفي درويش جي حاضري ڀريندو هو، جنهنڪري تصوف جو اثر سندس شخصيت ۾ نمايان هو، آسو رام تي هڪڙي پاسي ڌرم شاسترن جي مطالعي، ٻئي پاسي آخونداڻي تعليم ٽئين پاسي تصوف بابت پارسي ڪتابن جي مطالعي ۽ چوٿين پاسي فقير علي شاهه جهڙي درويش جي صحبت جي اثر ساڌو آسو رام جي دل کي سچي مذهب ۽ انسانيت جي واٽ تي هلڻ لاءِ بي قرار ڪيو. آسو رام جوان ئي هو ته مجازي عشق جي رمز ۾ رڱجي ويو. ان ڪري سندس مائٽن سندس ترت شادي ڪرائي ڇڏي. اهو ئي سبب آهي جو مجازي عشق ۾ گمراهه ٿيڻ بدران حقيقت جي واٽ اختيار ڪيائين، اڳتي هلي کيس مصري شاهه امام جي صحبت مان فيض ۽ قرار حاصل ٿيو، جنهن جو ذڪر هن پنهنجي ڪلام ۾ به ڪيو آهي. ان کانسواءِ صوفي آسو رام جي جهوڪ شريف جي درويشن مان ملاقات ٿي. جنهن صحبت جو مٿس آخر تائين اثر هو ۽ هڪ سچي صوفيءَ واري زندگي گذاريائين. سنڌ جي ان وقت جي صوفي شاعرن جي ڪلام تي نظر وجهجي ٿي ته معلوم ٿئي ٿو ته ڪنهن به ٻئي صوفي شاعر جو ايترو گهڻو ڪلام ڪتابي صورت ۾ موجود نه آهي، جيترو صوفي آسو رام جو ملي ٿو. صوفي آسو رام جي ڪلام جا ٽي وڏا ڪتاب: ’ديوان آسو‘، ’رساله آسو‘ ۽ ’ پريم نغمه‘ شايع ٿيل آهن.
صوفي آسو رام ’ديوان آسو‘ 1897ع ۾ لکيو هو، جيڪو سندس حياتيءَ ۾ ئي ڇپيو، جنهن کي ويڙهي مل کٽڻ مل، پبلشر، بُڪ سيلر لاڙڪاڻي واري ڇاپي پڌرو ڪيو. صوفي آسو رام جا هٿ اکرين لکيل ٻه ڪتاب سندس وارثن وٽ موجود رهيا.