آسيلي: بدين ضلعي ۾ ھڪ دڙو، گولاڙچي شھر کان 9 ميل اڀرندي طرف ديھہ ’جهاٻيري‘، تپي ’ڪنڊياري‘ ۾ آھي. ھيءُ دڙو زمين کان 20 کان 25 فوٽ مٿي آھي ۽ اڄ تائين موجود آھي ۽ لاڙ جي آثار قديمہ جي وڏن دڙن مان ھڪ آھي.