آسي زميني

آسي زميني

آسي زميني

آسي زميني: آسي زميني، سنڌي ٻوليءَ جو نمائنده شاعر آهي. هن جو اصل نالو محمود نظاماڻي ولد محمد رحيم نظاماڻي آهي. هيءُ ٽنڊي قيصر، ضلعي حيدرآباد ۾، 14 سيپٽمبر 1957ع ۾ ڄائو. انٽر پاس ڪيائين. هينئر اريگيشن کاتي ۾ اڪائونٽس ڪلارڪ آهي. کيس شھيد فاضل راهو (شاعري) اوارڊ، ڪينجهر (ايڊٽنگ) اوارڊ، اڏيرولال-شاعري اوارڊ ۽ بزم ٽکڙ اوارڊ ملي چڪا آهن. نظم ۽ نثر ٻنهي تي دسترس رکي ٿو. سندس شاعريءَ جا ٻہ ڪتاب ’مڃتا جي رُڃ ۾‘ (1992ع) ۽ ’ٻہ شاعر ٻہ ڪهاڻيڪار‘ (1992ع) ڇپيل آهن، ان کان سواءِ ’مسيحي گهراڻي جا بنياد‘، ليڊي هيلٿ وزيٽرس جو نصاب‘، ’حفاظتي ٽُڪا‘ وغيرہ ترجمو ڪيل ڪتاب ڇپيل اٿس. ان کان سواءِ هن ڪيترن ڪتابن جا مهاڳ، ادبي مضمون ۽ تنقيدي مقالا لکيا آهن، جن جو ڪتاب پڻ ترتيب ڏئي چڪو آهي. چڪو آهي. شاعريءَ جي فن ۽ بحر وزن جو ماهر آهي. آسي نئين ٽهيءَ جو نمائندو شاعر آهي. وٽس ٽنڊي قيصر ۾ ’دانشگاھہ منصوريه آستاني‘ نالي سان هڪ لائبريري بہ آهي، جنهن ۾ هزارين ڪتاب مختلف موضوعن تي موجود آهن. آسي زمينيڪينجهر‘، ’امرتا‘، ’ادب‘، ’جياپو‘، ’آجپو‘ ۽ ’اُمنگ‘ رسالن جي ايڊيٽوريل بورڊ جو ميمبر/ايڊيٽر رهي چڪو آهي.


لفظ آسي زمينيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1957.09.14  عيسوي

آسي زميني 14 سيپٽمبر 1957ع تي ٽنڊي قيصر ضلعي حيدرآباد ۾ ڄائو .



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بسنت ڪمار تياڳي
سميع بلوچ
سيد نادر علي شاھہ فراق
حامد ﷲ ’حامد‘ تنيو
غلام مھدي شاھه
جويو دادن فقير
احمد فراز
سوامي سترامداس سڪايل
سرور ڪيريو
سيد صاحبڏنو شاھہ بلڙيءَ وارو
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون