آشا چاند

آشا چاند

آشا چاند

آشا چاند: آشا چاند، سنڌي ٻوليءَ جي مشھور اديب اي. جي. اُتم ۽ سندري اتمچنداڻيءَ جي لائق نياڻي، 23 مارچ 1951ع تي ممبئيءَ ۾ ڄائي. هن بي. اي ايڪانامڪس ۽ ايم. اي (سنڌي ادب)، سان گڏ بزنس مئنيجمينٽ ۾ ڊپلوما ۽ بئنڪنگ جو BIIS جو ڪورس پاس ڪيل اٿس. پنھنجي مڙس چاند پنجابيءَ (پنجابي سنڌي هندن جي نک آهي) سان گڏجي سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي ترقيءَ لاءِ وڏو ڪم ڪري رهي آهي. هوءَ هڪ ئي وقت پبلشر، ميوزڪ پروڊيوسر، ٽي وي پروڊيوسر ۽ ادبي ثقافتي پروگرامن جي آرگنائيزر آهي. هن نوجوان نسل ۾ سنڌي ٻوليءَ لاءِ چاھہ پيدا ڪرڻ لاءِ ڪيتريون سي ڊيون (CDs) تيار ڪيون آهن، جن ۾ سڀ کان مقبول سي. ڊي ‘Let’s Learn Sindhi’ (اچو تہ سنڌي سکون) آهي. هن خاص ڪري سنڌي ٻارن لاءِ هڪ نئين سي. ڊي ”پنجتنتر“ نالي جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ ٻارن لاءِ دلچسپ ننڍيون ڪهاڻيون، نرسري گيت ۽ رانديون شامل آهن. ان کان سواءِ هن هند ۾ سنڌي ادب جي ٽمورتي- ڪيرت، اتم ۽ مالهي جي انٽروين تي مشتمل هڪ آڊيو ڪيسٽ بہ جاري ڪئي آهي. آشا چاند سنڌي ٻولي، ادب ۽ ورثي جي سگهہ ۽ اهميت محسوس ڪندي 2000ع ۾ دبئيءَ ۾ ”سنڌي سنگت“ نالي آرگنائيزيشن جوڙي موجودہ سنڌي اليڪٽرانڪ ۽ آڊيو ويوزئل ميڊيا ذريعي دلچسپ ٽيلي فلمن (Tele films) ۽ T.V پروگرامن لاءِ سنڌي ميوزڪ وڊيو تيار ڪرڻ تي ڪم جي شروعات ڪئي آهي. ان ڏس ۾ هن ابتدا پنھنجي ماءُ جي لکيل ”ولايتي گهوٽ جي ڳولا“ سميت سنڌي ٽيليويزن پروگرامن لاءِ 16 ٽيلي فلمون تيار ڪيون آهن، آشا چاند دبئيءَ ۾ ڪي ٽي اين جي ڪيترن گرانڊ ميوزيڪل پروگرامن ۾ سهڪار ڪري چڪي آهي. سندس نياڻي مومل پڻ بھترين ڪمپيئر ۽ اداڪارہ آهي، جيڪا ماءُ سان سنڌي ٻوليءَ جي مٿين ترقيءَ وارن پروگرامن ۾ ٻانهن ٻيلي هوندي آهي.


لفظ آشا چاندھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو