آصف اقبال

آصف اقبال

آصف اقبال

آصف اقبال: آل رائونڊر ڪرڪيٽر آصف اقبال ولد مجيد اقبال رضوي 6 جون 1943ع تي حيدرآباد (گڏيل هندستان) ۾ جنم ورتو. ورهاڱي کان پوءِ سندس خاندان لڏي اچي ڪراچيءَ ۾ رهيو. ايس. ايم ڪاليج ڪراچيءَ مان تاريخ ۽ معاشيات ۾ ايم. اي جون ڊگريون حاصل ڪيون. 1964ع ۾ آسٽريليا خلاف پھرين ٽيسٽ مئچ سيريز کيڏيو. 1967ع ۾ انگلنڊ خلاف سيريز ۾ پھرين ٽيسٽ سينچري 146 رنسون ٺاهيون. 1967ع ۽ 1975ع ۾ ڪرڪيٽ جي عالمي مقابلن ۾ پاڪستاني ٽيم جي ڪپتاني ڪئي. 1979ع ۾ ٽيم کي سيمي فائنل تائين پھچايو. 80/1979ع ۾ ڀارت خلاف ٽيسٽ سيريز ۾ پڻ پاڪستاني ٽيم جو ڪپتان رهيو. هن آخري ٽيسٽ مئچ 1980ع ۾ انڊيا خلاف ۽ آخري هڪ روزہ مئچ 1979ع ۾ ويسٽ انڊيز خلاف کيڏيا. هن 1964ع کان 1980ع جي عرصي ۾ پاڪستان لاءِ 58 ٽيسٽ مئچ ۽ 10 هڪ روزہ بين الاقوامي مئچ کيڏيا، جن ۾ هن جو 11 سنچرين سميت وڌ ۾ وڌ اسڪور 175 آهي. ان کان علاوہ ڪرڪيٽ جي رٽائرمينٽ کان پوءِ ICC پاران ڪجهہ مئچن ۾ ريفري طور پڻ ذميواريون نڀايون


لفظ آصف اقبالھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1943.06.06  عيسوي

آل رائونڊر ڪرڪيٽر آصف اقبال ولد مجيد اقبال رضوي 6 جون 1943ع تي حيدرآباد (گڏيل هندستان) ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

قائم علي شاھہ
رباني عبدالحق مولانا
غلام سرور عباسي
جتوئي غلام مصطفيٰ خان
جاگيراڻي اعتبار علي
قاضي علي محمد ثاني
عبدالسلام ٿھيم
علڻ خان رئيس
ڀڳت ٽيئون رام
اي اين جي عباسي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون