ڊاڪٽر آصف فرخي

ڊاڪٽر آصف فرخي

آصف فرخي ڊاڪٽر

آصف فرخي، ڊاڪٽر: ناليواري اديب، ايڊيٽر، مترجم ۽ نقاد ڊاڪٽر آصف فرخي 1959ع ۾ ڪراچي ۾ جنم ورتو. سندس والد جونالو ڊاڪٽر اسلم فرخي آهي، جيڪو مشھور اديب، شاعر، محقق، ٻوليءَ جو ماهر ۽ براڊ ڪاسٽر آهي. آصـف فـرخــي سينٽ پيٽرڪس هاءِ اسڪول، ڪراچي مان ميٽرڪ، ڊائو يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز، ڪراچي مان ميڊيسن ۾ ۽ هارورڊ يونيورسٽي، آمريڪا مان پبلڪ هيلٿ جون ڊگريون حاصل ڪيون. هن 1985ع کان 1994ع تائين آغا خان يونيورسٽيءَ جي پبلڪ هيلٿ شعبي ۾ پروفيسر جان. ايڇ بريانٽ جي نگرانيءَ ۾ ڪم ڪيو. هن جا افسانا ۽ تنقيدي مضمون وڏي تعداد ۾ شايع ٿيا آهن. هن ڪيترن ئي اهم سنڌي ڪتابن جا انگريزي ۽ اردوءَ ۾ ترجما ڪيا. جنھن ۾ ناليواري سنڌي شاعرہ عطيہ دائود جي شاعري بہ شامل آهي. ان جو هن انگريزيءَ ۾ “Raging To Be Free” جي نالي سان 1995ع ۾ ترجمو ڪيو. آصف فرخيءَ اردو ۽ ٻين ٻولين مان ڪيترين ڪھاڻين جو ترجمو: ”Fires In An Autumn Garden“ جي عنوان سان، شيخ اياز جي چونڊ شاعريءَ جو اردو ترجمو: ”دانش اياز“ جي عنوان سان (شاھہ محمد پيرزادي سان گڏ)، شيخ اياز: شخصيت اور فن (ترتيب) ”ذڪر اياز“ (1999ع) جي عنوان سان ۽ شيخ اياز جي چونڊ شاعريءَ جو انگريزي ترجمو (شاھہ محمد پيرزادي سان گڏ) ”The Storm’s Call For Prayers“ (1999ع) جي عنوان سان ڪيائين. سندس محنتن جي عيوض کيس ”تمغهء امتياز“ ۽ ”وزير اعظم ادبي انعام“ بہ ملي چڪا آهن. هي انگريزي اخبار ”ڊان“ ۽ ٻين اخبارن ۾ ادبي مضمون بہ لکندو هو. سندس چونڊ ڪيل ڪھاڻين جا ڇھه ۽ ادبي تنقيد جا 02 ڪتاب ڇپيل آهن. اردو ادبي رسالو ”دنيا زاد“ جاري ڪيائين، جنھن جا ويهارو کن شمارا اچي چڪا آهن. ڊاڪٽر آصف فرخي ڪراچي ۾ هڪ بين الاقوامي تنظيم جي پبلڪ هيلٿ شعبي سان لاڳاپيل هو ۽ پھرين جون 2020ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1959.00.00  عيسوي

ڊاڪٽر آصف فرخي 1959ع ۾ ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڄام محمد عرف انڙ
چاڪر خان سھرياڻي
پير عالي
زبير سومرو
پير عبدالرحمان
رانجهو
جعفري غلام حسين
البرٽ ڪامئو
ڄام صادق علي (سياستدان )
عبدالسلام ٿهيم
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون