آصف نواز جنجوعا

آصف نواز جنجوعا

آصف نواز جنجوعا

آصف نواز جنجوعا: پاڪستان جي اڳوڻي چيف آف آرمي اسٽاف، جنرل آصف نواز جنجوعا جو تعلق، پنجاب جي ضلعي جھلم جي هڪ فوجي گهراڻي سان هو. سندس والد فوج ۾ ڪرنل هو. ننڍي هوندي کان سندس تربيت مڪمل فوجي ضابطي سان ٿي. 1954ع ۾ کيس پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول ۾ داخل ڪرايو ويو، جنهن بعد کيس وڌيڪ تعليم لاءِ انگلنڊ موڪليو ويو، جتي جنرل عبدالوحيد ڪاڪڙ ۽ گوهر ايوب بہ سندس هم ڪلاسي رهيا.
تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ، پاڪستان آرميءَ جي پنجاب رجمينٽ سان وابستہ ٿيو، ۽ ان ئي رجمينٽ ۾ اعليٰ عهدن تي فائز ٿيو. جڏهن هو ڪراچيءَ جو ڪور ڪمانڊر بڻيو تہ ان وقت ڪراچي، لساني فسادن ۽ دهشتگرديءَ جو ڳڙھہ بنجي چڪي هئي. انهن حالتن ۾ جنرل آصف جنجوعا ڪراچيءَ ۾ دهشتگرديءَ جي روڪڻ لاءِ وڏو ڪردار ادا ڪيو. 16 آگسٽ 1991ع تي، جنرل مرزا اسلم بيگ جي رٽائر ٿيڻ کان پوءِ چيف آف آرمي اسٽاف مقرر ڪيو ويو ۽ 11 جنوري 1993ع تي، هڪ مبينه واقعي ۾ وفات ڪري ويو.


لفظ آصف نواز جنجوعاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو