آصف هالائي

آصف هالائي:جان محمد آصف هالائي ولد عبدالرؤف ابڙي 14 آگسٽ 1898ع تي جنم ورتو. هن مقامي سطح تي تعليم حاصل ڪئي. اسلامي تبليغ جي موضوع تي سندس لکيل مضمون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيل آهن. هيءُ اعليٰ درجي جو خط نويس ۽ شاعر بہ هو. انشا پردازي ۽ شاعريءَ ۾ سندس استاد حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ۽ مرحوم محمد هاشم مخلص هئا. جن وٽان شاعريءَ جا سخن وغيرہ سکيائين. سندس ڪلام تقريبن مذهبي موضوع تي چيل آهي. نعت گوئي ۽ حمديه نظم تي کيس ملڪو حاصل هو. سندس ڪلام ۾ اصلاحي پهلو بہ نمايان ملي ٿو. هيءُ خلافت تحريڪ ۾ بہ متحرڪ رهيو ۽ سندس شعلہ بيان تقريرن کيس مشهوري ڏني. انجمن مولود النبي هالا ۾ بہ الحاج پير صاحب سائل هالائي جي سنگت ۾ڇھہ سال سرگرم رهيو. سندس جواني جي زماني ۾ ”احوال احمدي“ ڪتاب شايع ٿيو، جيڪو حضور ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جن جي سيرت تي لکيائين. سندس اهو ڪتاب انجمن مولود النبي هالا پاران ڇپجي پڌرو ٿيو. سندس مقالن جو مجموعو بہ آهي.


لفظ آصف هالائيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1898.08.14  عيسوي

آصف هالائي : جان محمد آصف هالائي ولد عبدالرؤف ابڙي 14 آگسٽ 1898ع تي جنم ورتو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڀَرَتُ
قمرالزمان شاھہ سيد
جلال محمد مخدوم
حاتم ٽالپر ڊاڪٽر
حڪيم يعقوب ڪوريجو
ضياء الدين احمد سيد
اوباما بارڪ
راحت ٻائي
پارو شاھہ
الطاف قادري
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون