آصف هالائي:جان محمد آصف هالائي ولد عبدالرؤف ابڙي 14 آگسٽ 1898ع تي جنم ورتو. هن مقامي سطح تي تعليم حاصل ڪئي. اسلامي تبليغ جي موضوع تي سندس لکيل مضمون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيل آهن. هيءُ اعليٰ درجي جو خط نويس ۽ شاعر بہ هو. انشا پردازي ۽ شاعريءَ ۾ سندس استاد حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ۽ مرحوم محمد هاشم مخلص هئا. جن وٽان شاعريءَ جا سخن وغيرہ سکيائين. سندس ڪلام تقريبن مذهبي موضوع تي چيل آهي. نعت گوئي ۽ حمديه نظم تي کيس ملڪو حاصل هو. سندس ڪلام ۾ اصلاحي پهلو بہ نمايان ملي ٿو. هيءُ خلافت تحريڪ ۾ بہ متحرڪ رهيو ۽ سندس شعلہ بيان تقريرن کيس مشهوري ڏني. انجمن مولود النبي هالا ۾ بہ الحاج پير صاحب سائل هالائي جي سنگت ۾ڇھہ سال سرگرم رهيو. سندس جواني جي زماني ۾ ”احوال احمدي“ ڪتاب شايع ٿيو، جيڪو حضور ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جن جي سيرت تي لکيائين. سندس اهو ڪتاب انجمن مولود النبي هالا پاران ڇپجي پڌرو ٿيو. سندس مقالن جو مجموعو بہ آهي.
1898.08.14 عيسوي
آصف هالائي : جان محمد آصف هالائي ولد عبدالرؤف ابڙي 14 آگسٽ 1898ع تي جنم ورتو .