آصف پھوڙ (گامون)

آصف پھوڙ (گامون)

آصف پھوڙ گامون

آصف پھوڙ (گامون): مزاحيہ اداڪار آصف پھوڙ عرف گامون سنڌ جي تاريخي شھر شڪارپور ۾ پھرين جنوري 1975ع تي حاجي امير بخش پھوڙ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. بنيادي تعليم شڪارپور مان حاصل ڪرڻ کانپوءِ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام مان DVM جي ڊگري حاصل ڪئي. بعد ۾ ڪراچي شھر ۾ سنڌي سيٽلائيٽ چئنل ’ڪشش‘ ٽي. وي جي مزاحيہ پروگرام GP Brothers ۾ گامون جي ڪردار طور مشھور ٿيو. ان کانپوءِ ’سنڌ‘ ٽي. وي، ’آواز‘ ٽي. وي ۽ ’ڌرتي‘ ٽي. وي تي ڪيترائي مزاحيہ پروگرام ڪيا. جڳ مشھور مزاحيہ پروگرام ’لافٽر هائوس‘ ۾ ڪم ڪرڻ کان پوءِ پوري دنيا ۾ مشھور ٿيو. هن وقت سوشل ميڊيا تي پنھنجي يوٽيوب چئنل ’گامون آفيشل‘ تي ڪم ڪري رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1975.01.01  عيسوي

مزاحيه اداڪار آصف پھوڙ عرف گامون سنڌ جي تاريخي شھر شڪارپور ۾ پھرين جنوري 1975ع تي حاجي امير بخش پھوڙ جي گهر ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ابڙو احمد خان شيدا
پيرل سومرو
فدا سرهيو
ابڙو اڙٻنگ
خروشچيف
ضياء الدين احمد سيد
جلال ڪوري
ٻلديو نندلال ڪالرو
ڄام صادق علي (سياستدان )
خداداد خان (ثاني)
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون