آغاخاني: شيعا اماميه ، اسماعيلي عقيدي وارن کي ھاڻي ’آغاخاني ‘ به سڏيو ويندو آھي ، ڇاڪاڻ ته اھي آغاخان جا مريد آھن . اھو لقب ھن طرح پيو ، جو 1902ع ۾ حيدرآباد سنڌ ۾ خواجا اسماعيلي جماعت جا چار ليڊر ، ھز ھائينس سر سلطان محمد شاھ آغا خان سان ، حيدرآباد ( سنڌ ) ۾ ڪوٺايل درٻار ۾ مقابلي لاءِ سامھون ٿيا ۽ کانئس ڪيترا ئي سوال پڇيائون ، جن جو واسطو ، ھزھائينس جي صحيح امام ھجڻ ، عليءَ جي اولاد ھجڻ ، اسماعيلي خواجن جي مسلمان ھجڻ ۾ شڪ بابت ھئا ، ۽ اھڙا ٻيا ڪيترا ئي سوال ھئا . انھن ليڊرن جا نالا ھي ھئا: ( 1 ) ميرپور بٺوري مان سيٺ حاجي محمد جعفر ، ( 2 ) تلھار مان خالقڏنو ، ( 3 ) نندي شھر مان ٺارو ۽ ( 4 ) ڪراچيءَ مان ڪريم .
ھز ھائينس انھن چئن ئي کي جواب ۾ فرمايو ته جن مولوين اوھان کي اھو سبق پڙھايو آھي ، انھن کي مون وٽ آڻيو . ڀلي اھي سڄيءَ درٻار ۾ مون سان بحث ڪن . باقي جيڪڏھن اوھان کي منھنجي عليءَ جي اولاد ھجڻ يا منھنجي حاضر امام ھجڻ ۽ اسماعيلي خواجن جي مسلمان ھجڻ ۾ شڪ آھي ته اوھين ڀلي منھنجي مريدي ڇڏي وڃو . منھنجا دروازا کليل آھن ، جيڪو مون سان گڏ رھڻ چاھي ، اھو مون سان رھي ۽ جيڪي مون کي ڇڏي وڃڻ چاھين ، سي ڀلي ھليا وڃن . منھنجي انھن کي اجازت آھي .
اھڙيءَ طرح اھي چار ئي ليڊر ۽ انھن جا پوئلڳ آغا خان جي مريدي ڇڏي اثناعشري شيعه جماعت سان وڃي مليا ۽ ’پِڙائي خواجا ‘ ( اثنا عشري خواجا ) سڏجڻ ۾ آيا ، ۽ اھي جيڪي آغا خان سان رھيا ، اھي ’پنجي ڀائي ‘ يعني آغا خاني سڏجڻ ۾ آيا . اھو آغا خاني لقب پھرين سنڌ ۾ رواج ۾ آيو ۽ پوءِ سڄي ننڍي کنڊ ۽ دنيا ۾ مشھور ٿي ويو .
سنڌ جا پـِڙائي ۽ پنجائي خواجه ھڪ ٻئي سان شاديءَ مراديءَ ۾ ڪونه اچن وڃن ، هڪ ٻئي سان وھنوار ڪونه رکن .