آغا ابراهيم شاھہ: آغا ابراهيم شاھہ ڪلهوڙا ۽ ٽالپر دور جو وڏو حڪيم ٿي گذريو آهي. هي مير فتح علي خان ٽالپر جو خاص معالج هو. هن جو والد بزرگوار سيد عبدالهادي شاھہ، نادر شاھہ جي دور ۾ اصفهان (ايران) کان مدراس ويو، جتان ڪلهوڙن جي درٻار ۾ پهتو. 1193ھہ بمطابق 1779ع ۾ سنڌ ۾ ئي وفات ڪيائين. آغا ابراهيم شاھہ، ميان سرفراز ڪلهوڙي جي دور ۾، سنڌ ۾ اچي پيءُ سان گڏيو. هن خاندان ٽالپر دور ۾ تمام وڏيون خدمتون سرانجام ڏنيون، خاص ڪري آغا ابراهيم شاھہ حڪمت جي حوالي سان وڏو نالو ڪڍيو. آغا ابراهيم شاھہ کان پوءِ بہ هن خاندان ۾ ناميارا ماڻهو پيدا ٿيا. آغا ابراهيم شاھہ جو پٽ آغا شاھہ اسماعيل پڻ ٽالپرن جو اهم صلاحڪار هو، کيس اٺ پٽ ٿيا، جن مان آغا زين العابدين شاھہ، آغا تقي شاھہ، آغا ڪاظم شاھہ وغيرہ شڪارپور جا گورنر پڻ ٿيا.