
آغا تاج محمد خان
آغا تاج محمد خان: (1904- 1959ع) نامور تعليم دان، عالم ۽ اديب تاج محمد خان'>آغا تاج محمد خان 16 سيپٽمبر 1904ع ۾ تعلقي ۽ ضلعي سکر جي ڳوٺ ’باگڙجيءَ‘ ۾ ڄائو. سندس پيءُ جو نالو عبدالمجيد خان هو. هن کي پهريائين قرآن پاڪ جي تعليم ڏيارائي وئي، ۽ ڪجهہ پارسي پڙهائي، پوءِ ڳوٺ جي سنڌي اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو، جتي هن سنڌيءَ جا پنج درجا پاس ڪيا. آغا تاج محمد والد جي طرفان نسلي طرح افغاني هو ۽ والدہ جي طرفان ايراني هو، تنهنڪري ابتدا کان وٺي سنڌي ۽ فارسي ٻولين سان رغبت هئس. آغا صاحب ثانوي تعليم سکر شھر جي ميونسپل اسڪول ۾ حاصل ڪئي. سال 1925ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪيائين. آغا تاج محمد بي. اي ۽ بي. ٽي فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن ۾ پاس ڪئي. گرئجوئيشن 1929ع ۾ ڊي. جي سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ مان ڪيائين. ان عرصي ۾ سنڌ مدرسي ۾ استاد رهيو. 1932ع ۾ علي ڳڙھہ مان بي. ٽي ڪرڻ کان پوءِ سنڌ مدرسي ۾ مستقل استاد مقرر ٿيو. لوڪل بورڊ جي ملازمت ڪرڻ کان پوءِ تعليم کاتي ۾ انسپيڪٽر آف اسڪولس ٿيو ۽ ان کان پوءِ خيرپور رياست ۾ ڊائريڪٽر آف اسڪولس مقرر ٿيو. آغا تاج محمد پنھنجي وقت جو انگريزيءَ، سنڌيءَ، اردو ۽ فارسيءَ جو مشھور مقرر ليکيو ويندو هو. 1941ع ۾ حڪومت برطانيہ طرفان کيس ”قيصر هند“ جو ميڊل مليو. 1945ع ۾ کيس ”خان صاحب“ جو لقب مليو. 1949ع ۾ کيس پاڪستان کي يونيسڪو ۾ متعارف ڪرائڻ جو اعزاز حاصل ٿيو. 1948ع کان صوبائي اسڪائوٽ ڪمشنر رهيو. ابتدا کان ريڊڪراس سان وابستہ هو ۽ روٽري ڪلب جو ميمبر پڻ رهيو. 1953ع ۾ کيس ”جسٽس آف پيس“ جي لقب سان نوازيو ويو. ”ڀٽ شاھہ ميموريل ڪائونسل“ ۽ ”شاھہ عبداللطيف ڀٽ شاھہ ڪلچر سينٽر“ جي سينٽرل ڪميٽيءَ جو بنيادي ميمبر سيڪريٽري ۽ بنياد وجهندڙ هو ۽ آخري دم تائين ميمبر رهي خدمت ڪندو رهيو.
سنڌ يونيورسٽيءَ کي قائم ۽ سگهارو ڪندڙن ۾ آغا صاحب جو نالو هميشہ ياد رهندو. پاڻ يونيورسٽي قائم ٿيڻ کان وٺي، سندس انتقال تائين پورا 12 سال يونيورسٽيءَ جو رجسٽرار رهيو. سندس دور سنڌ يونيورسٽيءَ جو سونهري دور ليکيو ويندو آهي.
آغا صاحب اديب، شاعر، ليکڪ، تعليمدان ۽ وڏو منتظم هو. سنڌي گرامر تي سندس ڪيترا ڪتاب لکيل آهن. هن شاھہ لطيف جي فن ۽ فڪر تي بہ مقالا لکيا آهن. سندس شمار انهن ٿورن اديبن ۽ تعليمي ماهرن ۾ ڪيو ويندو آهي، جن کي راڳ جي ڄاڻ هئي. آغا صاحب 10 آڪٽوبر 1959ع تي حيدرآباد ۾ لاڏاڻو ڪيو.
1904.09.16 عيسوي
آغا تاج محمد خان 16 سيپٽمبر 1904ع ۾ تعلقي ۽ ضلعي سکر جي ڳوٺ ’ باگڙجيءَ ‘ ۾ ڄائو .
1959.10.10 عيسوي
اديب آغا تاج محمد خان 10 آڪٽوبر 1959ع تي حيدرآباد ۾ لاڏاڻو ڪيو .