آغا رفيق

آغا رفيق

آغا رفيق

آغا رفيق: آغا رفيق احمد 2 نومبر 1949ع تي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. ايم اي صحافت (Journalism) ۾ ڪيل اٿس. هو ماس ڪميونيڪيشن ڊپارٽمينٽ جو چيئرمين رهي چڪو آهي ۽ هن وقت هو رٽائر آهي. هو سٺو ڪھاڻيڪار، ڊراما نگار ۽ ڪالم نگار آهي. سندس ڪالم مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيندا رهندا آهن ۽ سندس ڪالمن کي وڏي پذيرائي حاصل رهي آهي. هن جون لکيل ڪھاڻيون سنڌي ادب ۾ سٺو مقام رکن ٿيون. هن جا ڪيترائي ٽي وي ڊراما ۽ سيريل رليز ٿيل آهن، جن ۾’رشتا‘ (1982ع)، ’ضمير جي سچائي‘ (1984ع)، ’گهايل من‘ (1987ع)، ’سوال‘ (1989ع)، ’پولار‘ (2000ع) ۽ ’سام‘ شامل آهن. ٽي وي ڊرامن جو پسنديدہ ليکڪ آهي ۽ هن وقت ڄامشوري ۾ رهندڙ آهي.


لفظ آغا رفيقھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1949.11.02  عيسوي

آغا رفيق احمد 2 نومبر 1949ع تي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سليم سھتو پروفيسر
شاھہ فيصل
ايوب فقير
ڌاريجو منصور خان
نيلوفر شيخ ڊاڪٽر
عبدالرزاق سومرو شھيد
راجن راهيجا
جعفر علي خاصخيلي ناچيز
بيبي بتول
شاھہ حسن مرزا ارغون
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون