آغا رفيق

آغا رفيق

آغا رفيق

آغا رفيق: آغا رفيق احمد 2 نومبر 1949ع تي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. ايم اي صحافت (Journalism) ۾ ڪيل اٿس. هو ماس ڪميونيڪيشن ڊپارٽمينٽ جو چيئرمين رهي چڪو آهي ۽ هن وقت هو رٽائر آهي. هو سٺو ڪھاڻيڪار، ڊراما نگار ۽ ڪالم نگار آهي. سندس ڪالم مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيندا رهندا آهن ۽ سندس ڪالمن کي وڏي پذيرائي حاصل رهي آهي. هن جون لکيل ڪھاڻيون سنڌي ادب ۾ سٺو مقام رکن ٿيون. هن جا ڪيترائي ٽي وي ڊراما ۽ سيريل رليز ٿيل آهن، جن ۾’رشتا‘ (1982ع)، ’ضمير جي سچائي‘ (1984ع)، ’گهايل من‘ (1987ع)، ’سوال‘ (1989ع)، ’پولار‘ (2000ع) ۽ ’سام‘ شامل آهن. ٽي وي ڊرامن جو پسنديدہ ليکڪ آهي ۽ هن وقت ڄامشوري ۾ رهندڙ آهي.


لفظ آغا رفيقھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1949.11.02  عيسوي

آغا رفيق احمد 2 نومبر 1949ع تي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڀرڳڙي ڊاڪٽر محمد بخش
رحمت ﷲ سيد
برائن بونڊ ڊاڪٽر
جميلا نرگس
شاھہ وسائو
گلاب چانڊيو اداڪار
ترخان مرزا جاني بيگ
وزير فرهاد سولنگي
اشرف بلوچ 2
درويش دائود 2
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون