آغا زين العابدين شاهه: آغا زين العابدين شاهه، مير عبدالهاديءَ جي اولاد مان هو، جو اصل اصفهان جو ويٺل هو. جڏهن نادر شاهه اصفهان کي تاراج ڪيو، تڏهن 1150هه ۾ لڏي مدراس (هندستان) ۾ آيو. مشهور حڪيم هو، هڪ ڀيري سنڌ جو حاڪم ميان نور محمد ڪلهوڙو بيمار ٿي پيو، مدراس جي نواب جا ميان نور محمد سان تعلقات هئا، ميان جي لکڻ تي نواب مير زين العابدين شاهه کي سنڌ موڪليو، جنهن جي علاج سان ميان صاحب ٺيڪ ٿيو. ڪلهوڙن جي زور ڀرڻ تي مير صاحب سنڌ ۾ رهي پيو، انهيءَ وچ ۾ مير صاحب جو فرزند ابراهيم شاهه سنڌ ۾ ملاقات ڪرڻ آيو ۽ اهو به مستقل طرح سنڌ ۾ رهي پيو. 1193هه ۾ مير صاحب وفات ڪئي. ان کان پوءِ سندس پٽ ابراهيم شاهه (ولادت 1153هه) کي اهو عهدو ڏنو ويو. ٽالپرن جي زماني ۾ آغا ابراهيم شاهه اعليٰ عهدي تي رسيو. 1222هه ۾ لاڙڪاڻي جي پسگردائيءَ ۾ وفات ڪيائين، کيس پنج پٽ هئا، جن کي به ٽالپرن عهدا ڏنا، سندس پٽن مان آغا اسماعيل شاهه 12 سال سنڌ جي حڪومت طرفان قابل ۾ سفير هو. آغا اسماعيل شاهه کي ڇهه پٽ هئا، آغا زين العابدين شاهه، آغا ڪاظم شاهه، آغا ابراهيم شاهه، آغا تقي شاهه ۽ آغا صادق شاهه، انهن کي به ٽالپرن عهدا ڏنا. آغا تقي شاهه، آغا زين العابدين شاهه ۽ آغا ڪاظم شاهه شڪارپور ۾ ڪراچيءَ جا صوبيدار ٿي رهيا. آغا زين العابدين شاهه ڇهه سال ڪراچيءَ جو نواب ۽ ٻه سال شڪارپور جو نواب رهيو. فارسيءَ جو بلند پايه شاعر هو، سندس شعر ۾ رواني، نازڪ خيالي ۽ فن جي بلندي نظر اچي ٿي. شاعري ۾ ’عابد‘ تخلص استعمال ڪندو هو. آغا زين العابدين شاهه 2 جمادي الاول 1228هه/1813ع تي وفات ڪئي ۽ حيدرآباد ۾ مدفون آهي. سندس اولاد اڃا تائين ٽنڊي اسماعيل (ٽنڊي آغا) ۾ رهي ٿو.