آغا زين العابدين شاھہ: آغا زين العابدين شاھہ، مير عبدالهاديءَ جي اولاد مان هو، جو اصل اصفهان جو ويٺل هو. جڏهن نادر شاھہ اصفهان کي تاراج ڪيو، تڏهن 1150ھہ ۾ لڏي مدراس (هندستان) ۾ آيو. مشھور حڪيم هو، هڪ ڀيري سنڌ جو حاڪم ميان نور محمد ڪلهوڙو بيمار ٿي پيو، مدراس جي نواب جا ميان نور محمد سان تعلقات هئا، ميان جي لکڻ تي نواب مير زين العابدين شاھہ کي سنڌ موڪليو، جنهن جي علاج سان ميان صاحب ٺيڪ ٿيو. ڪلهوڙن جي زور ڀرڻ تي مير صاحب سنڌ ۾ رهي پيو، انهيءَ وچ ۾ مير صاحب جو فرزند ابراهيم شاھہ سنڌ ۾ ملاقات ڪرڻ آيو ۽ اهو بہ مستقل طرح سنڌ ۾ رهي پيو. 1193ھہ ۾ مير صاحب وفات ڪئي. ان کان پوءِ سندس پٽ ابراهيم شاھہ (ولادت 1153ھہ) کي اهو عهدو ڏنو ويو. ٽالپرن جي زماني ۾ آغا ابراهيم شاھہ اعليٰ عهدي تي رسيو. 1222ھہ ۾ لاڙڪاڻي جي پسگردائيءَ ۾ وفات ڪيائين، کيس پنج پٽ هئا، جن کي بہ ٽالپرن عهدا ڏنا، سندس پٽن مان آغا اسماعيل شاھہ 12 سال سنڌ جي حڪومت طرفان قابل ۾ سفير هو. آغا اسماعيل شاھہ کي ڇھہ پٽ هئا، آغا زين العابدين شاھہ، آغا ڪاظم شاھہ، آغا ابراهيم شاھہ، آغا تقي شاھہ ۽ آغا صادق شاھہ، انهن کي بہ ٽالپرن عهدا ڏنا. آغا تقي شاھہ، آغا زين العابدين شاھہ ۽ آغا ڪاظم شاھہ شڪارپور ۾ ڪراچيءَ جا صوبيدار ٿي رهيا. آغا زين العابدين شاھہ ڇھہ سال ڪراچيءَ جو نواب ۽ ٻہ سال شڪارپور جو نواب رهيو. فارسيءَ جو بلند پايه شاعر هو، سندس شعر ۾ رواني، نازڪ خيالي ۽ فن جي بلندي نظر اچي ٿي. شاعري ۾ ’عابد‘ تخلص استعمال ڪندو هو. آغا زين العابدين شاھہ 2 جمادي الاول 1228ھہ/1813ع تي وفات ڪئي ۽ حيدرآباد ۾ مدفون آهي. سندس اولاد اڃا تائين ٽنڊي اسماعيل (ٽنڊي آغا) ۾ رهي ٿو.