
آغا سليم
آغا سليم: سنڌي ٻوليءَ جي نامياري اديب ۽ ناول نگار آغا سليم جو اصل نالو آغا خالد سليم ولد آغا عبدالڪريم خان آهي. هن 7 اپريل 1935ع تي شڪارپور شھر ۾ جنم ورتو. بي. اي. تائين تعليم ورتائين. ريڊيو پاڪستان مان اسٽيشن ڊائريڪٽر جي عهدي تان رٽائر ٿيو. بھترين افسانہ نگار، ڊراما نگار، شاعر ۽ ناول نويس طور سڃاتو وڃي ٿو. رٽائرمينٽ کان پوءِ صحافت جي ميدان ۾ گهڙيو. پهرين روزاني ”جاڳو“ ۽ پوءِ روزاني ”سچ“ اخبار جو ايڊيٽر رهيو. سندس تصنيفون هيٺين ريت آهن: ’روشنيءَ جي تلاش‘ (ناولٽ: 1964ع)، ’چنڊ جا تمنائي‘ (ڪهاڻيون: 1967ع)، ’لذت گناھہ‘ (ڪهاڻيون)، ’اونداهي ڌرتي، روشن هٿ‘ (ناول)، ’درد جو شھر‘ (ڪهاڻيون)، ’همه اوست‘ (ناول)، ’پٺاڻ‘ (ذاتيون)، ’ڌرتي روشن آهي‘ (افسانا)، ’اڻپورو انسان‘ (ناول)، ’ڍولا مارو‘ (تحقيق)، ’لالن لال لطيف ڪھي‘ (لطيف جي ڪلام جو منظوم اردو ترجمو)، ’باب فريد‘ (ترجمو ۽ تحقيق) صدين جي صدا (شيخ اياز متعلق مضمون)، سندھہ ڪي موسيقي (اردو) ’بابا فريد جا دوها‘ وغيرہ. آغا سليم شاھہ لطيف جي انهن پارکن ۾ شمار ٿئي ٿو، جن شاھہ جي رسالي جو اردو ۽ انگريزيءَ ۾ منظوم ترجمو ڪيو، سندس ان گرانقدر ڪم تي مشتمل رساله ”شاھہ عبداللطيف ڀٽائي“ (منظوم ترجمه) Mourning Melody (سر سورٺ جو انگريزي ترجمو) Melodies of Shah Abdul Latif Vol. I, II, III انگريزي ترجمو) ڇپجي مقبوليت ماڻي چڪا آهن، کيس ”شاھہ لطيف اوارڊ“ سان پڻ ٻہ دفعا نوازيو ويو آهي. 2005ع ۾ کيس صدارتي تمغه حسن ڪارڪردگي پڻ ڏنو ويو. آغا سليم 12 اپريل 2016ع تي وفات ڪئ، سندس مزار ڀٽ شاھہ ۾ آهي.
1935.04.07 عيسوي
آغا سليم 7 اپريل 1935ع تي شڪارپور شهر ۾ جنم ورتو .
2016.04.12 عيسوي
آغا سليم 12 اپريل 2016ع تي وفات ڪئي،سندس مزار ڀٽ شاهه ۾ آهي.