
آغا سيد اسماعيل شاهه اصفهاني
آغا سيد اسماعيل شاھہ اصفهاني: هنن اصفهاني سيدن جو خاندان طب جي علم ۽ سنڌ جي سياست ۾ وڏي شھرت وارو هو. انهيءَ خاندان مان گهڻائي اديب، طبيب ۽ سياستدان پيدا ٿيا. هن خاندان جو وڏو سيد عبدالهادي، اصفهاني سيدن مان هو، جيڪو 7 شوال 1140ھہ/6 اپريل 1728ع ۾ اصفهان مان هليو ۽ جڏهن نادر شاھہ افشار، مدراس تي چڙهائي ڪئي تہ ان وقت سيد عبدالهادي مدراس جي راجا وٽ طبيب جي حيثيت ۾ ترسيل هو. انهيءَ راجا جا سنڌ جي حڪمران ميان نور محمد ڪلهوڙي سان دوستاڻا ناتا هئا، ان ڪري ان راجا سيد عبدالهادي کي ميان نور محمد جي علاج لاءِ سنڌ ڏانهن موڪليو. جنهن کانپوءِ سيد عبدالهادي ڪلهوڙن جي درٻار سان وابستہ ٿي ويو. ميان نور محمد کانپوءِ جڏهن سندس پٽ ميان غلام شاھہ ڪلهوڙو سنڌ جي گاديءَ تي ويٺو تہ ان وقت سيد عبدالهادي ستر ورهين جي ڄمار ۾ بروز آچر 2 شعبان 1193ھہ/ 15 آگسٽ 1779ع تي وفات ڪئي. جنهن کانپوءِ سيد عبدالهادي جي پٽ سيد ابراهيم شاھہ پنھنجي پيءُ جي جاءِ والاري، ابراهيم شاھہ 1155ھہ/1742ع ۾ اصفهان ۾ پيدا ٿيو. سنڌ ۾ جڏهن ڪلهوڙن کانپوءِ ٽالپرن جي حڪومت آئي تڏهن ابراهيم شاھہ ۽ سندس پٽ آغا اسماعيل شاھہ ٽالپرن جي درٻار سان منسلڪ ٿي ويو. آغا اسماعيل شاھہ پنھنجي پيءُ ابراهيم شاھہ ۽ ڏاڏي سيد عبدالهادي وانگر ٽالپرن جي درٻار ۾ وڏا عهدا ماڻيا. خاص ڪري حيدرآباد جي ٽالپرن مان مير ڪرم علي خان ٽالپر ۽ مير مراد علي خان ٽالپر وٽ سندس وڏو مان هو ۽ انهن جي طرفان سفير ٿي مختلف رياستن ڏانهن ويندو هو.
ميسن پنھنجي سفر نامي ۾ آغا اسماعيل شاھہ بابت لکي ٿو تہ: ”هي اهل تشيعت جي سيدن مان آهي، جيڪي اصل شيرازي هئا. پاڻ حيدرآباد جي ڀر (ٽنڊي آغا) ۾ رهي ٿو. هن جا خيرپور ۽ حيدرآباد جي ٽالپرن سان وڏا واسطا آهن. هي نهايت هوشيار ۽ ڏاڍو چالاڪ آهي.“ ڊاڪٽر برنس لکي ٿو تہ: ”آغا اسماعيل شاھہ پنھنجي نسل ۽ خاندان تي فخر ڪندو رهي ٿو، ٻئي پاسي نواب ولي محمد خان لغاري پنھنجي لياقت جي آڌار تي خدمتون سرانجام ڏيندو رهي ٿو.“ آغا اسماعيل شاھہ ٽالپر حاڪمن جو وفادار وزير پنھنجي خداداد لياقت سان وڏيون منزلون ماڻيندو رهيو. سندس پٽن مان آغا زين العابدين شاھہ (شڪارپور ۽ ڪراچيءَ جو حاڪم)، ڪاظم علي شاھہ (شڪارپور جو حاڪم)، تقي شاھہ (شڪارپور جو ناظم) ۽ ابراهيم شاھہ (شڪارپور جو حاڪم) پڻ وڏن عهدن تي فائز هئا، آغا اسماعيل شاھہ، ٽالپرن جي دؤر ۾ حيدرآباد جي ڀر ۾ ”ٽنڊو آغا اسماعيل“ نالي هڪ علائقو آباد ڪري پنھنجي خاندان لاءِ اتي وڏيون وڏيون حويليون تيار ڪرايون. موجودہ دؤر ۾ اهو علائقو حيدرآباد شھر ۾ ”ٽنڊو آغا“ جي نالي سان مشھور آهي. ٽالپرن جو مصاحب ميرزا فتح علي بيگ پڻ آغا اسماعيل شاھہ جي زور تي اچي ٽنڊو آغا وسايو. آغا اسماعيل شاھہ ٽنڊي آغا جو علائقو 1249ھہ/ 1833ع ۾ آباد ڪيو. ٽنڊو آغا ٽالپرن جي دؤر کان وٺي عزاداري جو مرڪز رهيو آهي. آغا اسماعيل شاھہ جي اولاد مان آغا زين العابدين شاھہ تخلص عابد ۽ آغا ڪاظم علي شاھہ بلند پايي جا شاعر هئا. اڳيان هلي سندس اولاد مان آغا سيد فتح علي شاھہ عربي ۽ فارسي جو ڄاڻو هو. سنڌي ۽ فارسي زبان جو بھترين شاعر پڻ هو ۽ سندس تخلص فتح هو. آغا سيد فتح علي شاھہ ٽنڊي آغا جي ميرزا خاندان مان ميرزا قربان علي بيگ قربان ڪربلائي جو شاگرد هو ۽ وري آغا سيد فتح علي شاھہ جو شاگرد، سنڌ جو نامور محقق، اديب ۽ شاعر ميرزا عباس علي بيگ هو. ميرزا عباس علي بيگ پنھنجي استاد آغا فتح علي شاھہ جو فارسي ۽ سنڌي ڪلام هڪ هنڌ جمع ڪيو هو. هن وقت آغا اسماعيل شاھہ جو اولاد ٽنڊي آغا ۾ موجود آهي. جن مان آغا سيد عبد علي شاھہ بھترين شاعر ۽ خطيب آهي. عمر رسيدہ هجڻ باوجود آغا سيد عبد علي شاھہ شاعري ۽ خطابت جي سلسلي کي جاري رکندو اچي.