آغا صوفي

آغا صوفي

آغا صوفي

آغا صوفي: آغا غلام نبي ”صوفي“ ولد آغا گل حسن سيپٽمبر 1889ع ۾ شڪارپور جي دراني قبيلي ۾ پيدا ٿيو. هو مشھور شاعر ڊرامه نويس، علم حڪمت ۽ تصوف جو ڄاڻو ۽ سچل سرمست جو سوانح نگار ٿي گذريو آهي. آغا صوفي سچل سائين جو رسالو ترتيب ڏئي ڇپايو هو، جنھن ۾ سچل سائينءَ جي سوانح تفصيل سان ڏنل آهي، هن رسالي ۾ ڪافيون ٿوريون شامل ڪيل آهن پر بيتن جو وڏو تعداد آهي. آغا صوفي مئٽرڪ جو امتحان سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي مان پاس ڪري اچي خيرپور ميرس ۾ پنھنجي والد سان گڏ رهڻ لڳو، جتي سندس والد ان وقت رياست جو نائب وزير هو. آغا صوفي ننڍپڻ کان شاعراڻي طبيعت جو مالڪ هو. شروع ۾سندس تخلص ”دراني“ پوءِ ”صوفي“ ۽ ڪٿي ”نانڪ“ ۽ ڪٿي وري ”آغا“ بہ استعمال ڪيو اٿس. هن حڪمت تي ڪتاب لکيا، جن مان ”طبي جواهر“ جيڪو شعر ۾ لکيل آهي، گهڻو مشھور آهي. ان کان علاوہ ”مناجات قرآن“ ۽ ڊرامي جي تاريخ بابت ”تاريخ ڊراما“ بہ لکيائين ۽ ”سچل سرمست“ نالي بہ هڪ ڪتاب لکيل اٿس. 1924ع ۾ ’الھلال ڊرائميٽڪ سوسائٽي‘ جو شڪارپور ۾ بنياد وڌو. 11 جولاءِ 1938ع تي وفات ڪئي.


لفظ آغا صوفيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1889.00.00  عيسوي

آغا غلام نبي ” صوفي “ ولد آغا گل حسن سيپٽمبر 1889ع ۾ شڪارپور جي دراني قبيلي ۾ پيدا ٿيو .


1938.07.11  عيسوي

آغا صوفي 11 جولاءِ 1938ع تي وفات ڪري ويو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سيد قادر ڏنو شاھہ
جوڻيجو حيدر خان
شيخ موسيٰ سيوستاني
حڪيم غلام رسول لاکو
استاد سلامت حسين بانسري نواز
خان صاحب ڊاڪٽر
خليفو حاجي لطف ﷲ سانوڻي هالائي
شاھہ حسين بخاري جو مقبرو
ڀائي پرتاب
لڇمڻ سنگهہ سوڍو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون