
آغا غلام نبي پٺاڻ
آغا غلام نبي پٺاڻ: آغا غلام نبي پٺاڻ، 18 جولاءِ 1911ع تي سلطان ڪوٽ ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو. شروعاتي تعليم سکر، ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي مان حاصل ڪيائين. بي. ايس سي جي ڊگري مسلم يونيورسٽي علي ڳڙھہ مان حاصل ڪيائين، جتي سندس ملاقات قائداعظم سان ٿي. پوءِ هُن جي چوڻ تي واپس سنڌ آيو ۽ مسلم ليگ کي منظم ڪيائين. تحريڪ پاڪستان جو ڪارڪن هو. 1938ع ۾ سنڌ صوبائي مسلم ليگ جو جوائنٽ سيڪريٽري ٿيو. پوءِ 1951ع تائين مسلم ليگ جي جنرل سيڪريٽريءَ جي عهدي تي ڪم ڪندو رهيو. پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ بنا مقابلي سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجي آيو. جنوري 1950ع ۾ صوبائي ڪابينه ۾ شامل ڪيو ويو. 1956ع ۾ اولھہ پاڪستان اسيمبلي (ون يونٽ) جو ميمبر ٿيو. ڊاڪٽر خان صاحب کان پوءِ جڏهن عبدالرشيد صوبائي ڪابينا ٺاهي تہ آغا صاحب ان ۾ شامل هو. ڪجهہ وقت کان پوءِ آغا صاحب ائنٽي ون يونٽ فرنٽ ۾ شامل ٿيو، جنهن جو صدر ايوب کهڙو هو ۽ ٻين ميمبرن ۾ جي. ايم. سيد، پيرپاڳارو، مخدوم طالب الموليٰ، مير غلام علي ٽالپر، قاضي فضل الله، عبدالستار پيرزادو، مولابخش سومرو، غلام محمد وساڻ ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جھڙا اڪابر شامل هئا. ايوب خان جي مارشل لائي دؤر ۾ آغا صاحب تي ’ايبڊو‘ هيٺ سياسي گرمين ۾ حصي وٺڻ تي پابندي هنئي وئي، انهيءَ دوران محترمہ فاطمہ جناح جي چونڊ مھم شروع ٿي تہ آغا صاحب انهيءَ مھم ۾ وڌي حصو ورتو. 1973ع ۾ پاڪستان جي پهرين سينيٽ جو ميمبر ٿيو ۽ 1977ع تائين سينيٽر هو. 1977ع ۾ پيپلزپارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي سکر مان قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. آغا صاحب 2 جولاءِ 1997ع تي وفات ڪري ويو.
1911.07.18 عيسوي
آغا غلام نبي پٺاڻ ، 18 جولاءِ 1911ع تي سلطان ڪوٽ ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو .
1997.07.02 عيسوي
آغا غلام نبي پٺاڻ 2 جولاءِ 1997ع تي وفات ڪري ويو .