
آغا وقار پٺاڻ
آغا وقار پٺاڻ: پاڻيءَ تي ڪار هلائڻ جي دعويٰ ڪندڙ پهرئين سنڌي سائنسدان آغا وقار جو جنم 1971ع ڌاري خيرپور ۾ ٿيو. هن تعليم پوري ڪري عملي زندگيءَ جي شروعات پوليس کاتي ۾ نوڪريءَ سان ڪيائين، جتي سترهن سالن تائين پنهنجون ذميواريون نڀايائين. پوليس کاتي مان استعيفا ڏيڻ بعد هن سائنس ۾ دلچسپي ورتي ۽ هڪ واٽر ڪٽ ٺاهڻ جو فارمولو تيار ڪيائين، جنهن ۾ سندس ٻن دوستن معين ۽ آصف ساڻس هٿ ونڊايو. هن اهڙي واٽر ڪٽ تيار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي، جنهن وسيلي نہ صرف گاڏي، پر اي. سي، پنکا، جنريٽر ۽ جھاز سميت پيٽروليم تي هلندڙ هر مشينري پاڻيءَ تي هلائي سگهجي ٿي. هن جي دعويٰ آهي تہ واٽر ڪٽ تي هلندڙ گاڏي هڪ لٽر پاڻيءَ تي 40 ڪلوميٽر سفر ڪندي، هن جي چوڻ موجب واٽر ڪٽ ٺاهڻ جي فيڪٽري قائم ڪجي تہ پوري ملڪ جي مشينري پاڻيءَ تي هلائي سگهجي ٿي ۽ اهڙي فيڪٽريءَ تي 10 ڪروڙ رپيا خرچ ايندو. ميڊيا تي اچڻ کان پوءِ آغا وقار جو چوڻ آهي تہ کيس ڪيترن ئي ملڪن جون آڇون پڻ آيون، پر هن سڀني کي ٺڪرائي ڇڏيو ۽ هو صرف پنھنجي ملڪ لاءِ ڪم ڪرڻ چاهي ٿو، ڪيترائي سائنسدان سندس هن ايجاد واري دعويٰ کي مڃڻ لاءِ تيار ناهن ۽ چئي رهيا آهن تہ سائنسي علم موجب اها ڳالھہ ناممڪن آهي. حڪومت طرفان کيس اسلام آباد گهرائي اهڙو مشاهدو بہ ڪيو ويو ۽ هن ميڊيا جي سامهون پاڻيءَ جي ڪِٽ تي گاڏي هلائي ڏيکاري. تنهن هوندي بہ اڃا تائين کيس سائنسي حلقن وٽان مڃتا ملي نہ سگهي آهي. سندس ٻہ شاديون ٿيل آهن، ٻنهي گهر وارين مان کيس پنجن ٻارن جو اولاد آهي.