سومرو، آفتاب

سومرو، آفتاب

آفتاب سومرو2

آفتاب سومرو : آفتاب احمد ’آفتاب‘ ولد محمد اسحاق سومرو 11 آڪٽوبر 1956ع ۾شڪارپور ويجهو مريد سيٺار ڳوٺ ۾ ڄائو. سندس تعليمي قابليت ايم. اي سوشيالاجي، ايم. اي (انگري) ۽ ايل. ايل. بي آهي. آفتاب سـومـري جـونيئر اسڪول ٽيچر (J.S.T) جي حيثيت سان سرڪاري نوڪريءَ جو آغاز ڪيو، بعد ۾ گورنمينٽ ڪاليج آف ٽيڪنالاجي حيدرآباد ۾ انسٽرڪٽر مقرر ٿيو. ان کانپوءِ ’اسسٽنٽ ڊائريڪٽر نيشنل بوڪ فائونڊيشن‘ مقرر ٿيو، جنهن سلسلي ۾ ڪراچي ۽ ڪوئيٽا ۾ بہ خدمتون سرانجام ڏنائين. سندس ٽي ڪتاب شايع ٿيل آهن: (1) مزدڪ جي ملڪ ۾ (سفرنامو)، (2) ايران جو سفرنامو (اردو)، (3) بيجنگ ڪي بازارون سي بئنڪاڪ ڪي بازارون تڪ (اردو ۾ سفرنامو). هي ’سماج سڌار تحريڪ‘ جو باني ميمبر، ’سامي ريسرچ سوسائٽيءَ‘ جو باني ميمبر، ’پروگريسو ٿنڪرس فورم‘ ۽ ’سنڌي ادبي سنگت‘ جو سرگرم ڪارڪن رهي چڪو آهي. ان کان سواءِ آفتاب سومرو ’شعور‘ رسالي جو ايڊيٽر، ’نئين دنيا‘ جي ايڊيٽوريل بورڊ جو ميمبر ۽ ’روشن خيال‘ رسالي جو ٻانهن ٻيلي بہ رهي چڪو آهي. اڄڪلھہ سچل سرمست تي تحقيق ڪري رهيو آهي. گڏوگڏ اسلام آباد ۾ نيشنل بوڪ فائونڊيشن ۾ سيڪريٽريءَ جي عهدي تي خدمتون پڻ سرانجام ڏئي رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1956.10.11  عيسوي

آفتاب احمد ’آفتاب‘ ولد محمد اسحاق سومرو 11 آڪٽوبر 1956ع ۾شڪارپور ويجهو مريد سيٺار ڳوٺ ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بينا1
ابن بيطار
ٽوانا
علامي محمد ٺٽوي
اورنگزيب عالمگير
پوراني ميرڪ سيد محمد احسن ٺٽوي
سُورج مل اُڌيپوري
زاهد ميراڻي
ڄاموٽ سيد حسن علي
ڀرگُو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون