آفتاب  شيرپائو

آفتاب شيرپائو

آفتاب شيرپائو

آفتاب، شيرپائو: صوبي سرحد جو اڳوڻو وڏو وزير ۽ ناميارو سياسي اڳواڻ آفتاب احمد شيرپائو، ضلعي پشاور ۽ تعلقي چارسده جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ’شيرپائو‘ ۾ ڄائو. سندس پيءُ، حاجي غلام حيدر خان، مسلم ليگ سرحد جي بانيڪارن مان هو. پيءُ جي وفات کان پوءِ، آفتاب احمد خان ۽ سندس ڀاءُ، حيات محمد خان، ملڪي سياست ۾ گهري دلچسپي وٺڻ لڳا. سندس ڀاءُ حيات محمد خان، ايوب خان خلاف بيگم فاطمہ جناح جي حق ۾ وڏي جدوجھد ڪئي. 1967ع ۾ پيپلز پارٽيءَ جو قيام عمل ۾ آيو تہ هو پيپلزپارٽيءَ ۾ شامل ٿيو ۽ کيس پيپلزپارٽي سرحد جو صدر بڻايو ويو. صوبي سرحد جو گورنر ۽ وزير پڻ مقرر ٿيو، پر 8 فيبروري 1975ع تي بم ڌماڪي ۾ مارجي ويو. ان وقت آفتاب شيرپائو سرڪاري نوڪريءَ ۾ هو. ڀٽي صاحب جي خواهش تي هن ملازمت ترڪ ڪري، سياست ۾ حصو ورتو. 1977ع جي عام چونڊن ۾، قومي اسيمبليءَ جي سيٽ تي، آفتاب شيرپائو، سردار شيرباز خان مزاريءَ کي هارائي ڪامياب ٿيو. کيس صنعتي ترقيءَ ۽ ڳوٺاڻن معاملن جو وزير مقرر ڪيو ويو. ان کان پوءِ کيس پيپلزپارٽيءَ سرحد جو صدر مقرر ڪيو ويو. 1988ع، 1993ع ۽ 1997ع وارين چونڊن ۾ اڪثريت سان ڪامياب ٿيو. 1993ع وارين چونڊن کان پوءِ کيس سرحد صوبي جو وزيراعليٰ بڻايو ويو. 12 آڪٽوبر 1999ع تي، جنرل پرويز مشرف جي فوجي حڪومت ۾ مٿس ڪيترائي ڪيس داخل ڪيا ويا. 2000ع ۾ خاص عدالت، مختلف الزامن هيٺ کيس 21 سالن لاءِ ڪنهن بہ عوامي عهدي لاءِ نااهل قرار ڏئي، ڏنڊ ۽ ٻيون سزائون ٻڌايون. بعد ۾ پاڪستان پيپلزپارٽيءَ سان ناراضگي سبب پاڻ پارٽيءَ جي ڌار ڌڙي سان لاڳاپيل آهي. آفتاب شيرپاؤ جي صوبي سرحد کان سواءِ سنڌ جي گاديءَ واري شھر ڪراچيءَ ۾ پڻ رهائش گاھہ آهي ۽ سندس شمار پاڪستان جي نامور سياستدانن ۾ ٿئي ٿو.


لفظ آفتاب شيرپائوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو