آفـيم: پوست (پُست) جي ڏوڏين جو رس (ڪچن ڏوڏن کي چير ڏبا تہ رس نڪرندو) جيڪو ڪاري رنگ جو ٿيندو آھي. سڪل ڏوڏين کي ڪاڙھي انھن مان پڻ آفيم ڪڍبو آھي. هڪ خيال موجب آفيم اصل ۾ سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آھي اھ + ڦيڻ = نانگ جهڙي ڪاري گجي، يا نانگ جي وات مان نڪتل زھر جهڙي ڦيڻ (جيڪا نشو ڪري ۽ مرڻ جهڙو ڪري ڇڏي). پوست جي ٻوٽيءَ جو گل تمام ڳاڙھو ۽ ٻين گلن کان سھڻو ٿئي ٿو. فارسي ٻوليءَ ۾ ان گل کي ”گل لاله“ چوندا آھن.
حڪيمن جو چوڻ آهي تہ آفيم طبي لحاظ کان ظاھري ۽ باطني حَسُن کي سست ڪندڙ آھي، ان جي کائڻ سان ننڊ ايندي آھي ۽ گهڻي سور جي حالت ۾ آرام ڏيندو آھي. رت جي دستن کي بند ڪندو آھي. کنگهه، زڪام، پگهر جي گهڻائيءَ، معدي ۽ سيني جي رطوبت کي خشڪ ڪندو آھي. يوناني دوائن ۾ پڻ استعمال ڪيو ويندو آهي. آفيم کي سنڌ ۾ ”امل“ پڻ چوندا آھن. آفيم جو وڏي ۾ وڏو مرڪز افعانستان ۽ پاڪستان جا اتر اولھہ وارا علائقا آهن.