آلو فقير

آلو فقير: آلو فقير نالي بزرگ ذات جو چانڊيو هو ۽ مشھور بزرگ شاھہ گودڙئي جو پوئلڳ ۽ پنھنجي وقت جو سخي ۽ سپھہ سالار ٿي گذريو آهي. سلطان غياث الدين بلبن جي وفات کان پوءِ جڏهن سندس پوٽو 689ھہ/ 1290ع ۾ تخت تي ويٺو ۽ سندس حڪومتي دور ۾ ملڪ اندر افراتفريءَ جو ماحول وڌي ويو ۽ لاقانونيت کي هٿي ملي، تڏهن مرزاڻي قبيلي جي ماڻهن حمل خان مرزاڻي چانڊئي جو مال اچي ڦريو، ڦريل مال واپس ڪرائڻ لاءِ ٻين چانڊين سان گڏ هي درويش بہ ساڻن ويو. ٻنهي قبيلن وچ ۾ جنگ لڳي، جنهن ۾ ٻين ڪيترن ماڻهن سان گڏ هيءُ بہ قتل ٿي ويو. آلو فقير کي 7 رجب 691ھہ مطابق 1292ع تي اتي ئي جنگ جي ميدان ۾ دفن ڪيو ويو.


لفظ آلو فقيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

0691.07.07  هجري

آلو فقير کي 7 رجب 691هه مطابق 1292ع تي اتي ئي جنگ جي ميدان ۾ دفن ڪيو ويو.


1292.00.00  عيسوي

آلو فقير کي 7 رجب 691هه مطابق 1292ع تي اتي ئي جنگ جي ميدان ۾ دفن ڪيو ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سارغون اول
چارلس نيپئر
روشن عطا
امر رائيسنگهہ راجپوت
طريل تاج محمد
آخوند محمد حيات حاتم
رشيد بن زبير قاضي
شيخ جيئو
ڀڳت واڌورام
غلام رسول شڪارپوري
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون