آلِ رسول صلعم: ”رسول صلعم'>آلِ رسول صلعم“ جي لغوي معنيٰ آهي ”رسولِ پاڪ صلي ﷲ عليہ وسلم جا پويان، وارث، اولاد يا خاندان.“ اصطلاحي زبان ۾ سندن نياڻي بيبي فاطمة الزهريٰ رضہ جي بطن مان پيدا ٿيل اولاد، جيڪي پاڻ کي ”سيد“ سڏائن ٿا، انهن کي ”رسول صلعم'>آلِ رسول صلعم“ چئبو آهي. قرآن پاڪ ۾ هي ڪيترين ئي جاين تي استعمال ٿيل آهي، ساڳي ترڪيب سان ٻين نبين توڙي مشھور ماڻهن بابت بہ سندن نالن سان نسبت رکندڙ اهڙا لفظ آيل آهن، جھڙوڪ: آلِ ابراهيم، آلِ يعقوب، آلِ عمران، آلِ لوط، آلِ هارون ۽ آلِ فرعون وغيرہ. تاريخي اعتبار سان ”رسول صلعم'>آلِ رسول صلعم“ (آلِ محمد صلي ﷲ عليہ وسلم) جو نالو تيستائين قائم رهندو، جيستائين دنيا قائم آهي.