آلِ عمران (سورة ):”آل عمران“، عربي زبان جا لفظ آهي؛ جنهن جي لغوي معنيٰ آهي: ”عمران جو اولاد“. ”عمران“ ٻن نبي سڳورن: حضرت موسيٰ عليہ السلام ۽ حضرت هارون عليہ السلام جن جو پيءُ هو. قرآن پاڪ جي 116 سورتن مان ٽيون نمبر سورت جو نالو ”آل عمران“ آهي، جيڪا مديني منوره ۾ نازل ٿي هئي، جنهن ۾ ٻہ سئو آيتون ۽ ويھہ رڪوع آهن.
هيءَ سورة مبارڪ هجرت جي پهرين سال نازل ٿيڻ شروع ٿي ۽ 9 هجريءَ تائين پوري ٿي، جنهن ۾ حضرت موسيٰ عليہ السلام جي موڪلاڻي ۽ سندس پشت مان حضرت عيسيٰ عليہ السلام جي عقيدتمندن جي گمراهين ۽ اخلاقي ڪمزورين بابت تفصيلي ذڪر آيل آهي. ان کان پوءِ فرمايل آهي تہ هي قرآن مجيد ۽ رسول (حضرت محمد صلي ﷲ عليہ وسلم) اُنهيءَ دين (اسلام) طرف سڏي رهيا آهن، جنهن جي دعوت، نبي سڳورا شروع کان ئي ڏيندا آيا آهن، جيڪا باري تعاليٰ جي قدرت ڪامله طرفان هڪ حقيقي دين لاءِ دعوت آهي. انهيءَ رستي کان ڀُلجي جيڪي ٻيون راهون اوهان اختيار ڪيون آهن، اُهي انهن ڪتابن ۾ موجود نہ آهن، جن کي توهان آسماني ڪتاب سڏيو ٿا.
دراصل هيءَ سورة عيسائين جي ڪوڙين دعوائن کي رد ڪرڻ خاطر پاڻ سڳورن صہ تي ان وقت نازل ٿي هئي، جڏهن عيسائي، يهودين جي پٺڀرائيءَ لاءِ مديني شريف ۾ ساڻن مناظري لاءِ آيا هئا.
سورت ”آل عمران“ ۾ جنگ بدر (2 ھہ/623ع) جي ڪاميابين ۽ جنگ اُحد (4 ھہ/625ع) جي غلطين ۽ ڪوتاهين جي نشاندهي ڪندي، خدا پاڪ جي جلال، مسلمانن کي صحيح رستي تي اچڻ طرف ڌيان ڏياريو آهي ۽ انهن کي اِهو پڻ يقين ڏياريو آهي، تہ جيڪڏهن توهان حقيقي دين تي ثابت قدم رهيا تہ توهان جي لاءِ ڪاميابيءَ جون تمام راهون کلي پونديون.