آل پارٽيز حريت ڪانفرنس: هي ڪشمير جي 26 سياسي ، سماجي ۽ مذهبي تنظيمن جو هڪ گڏيل اتحاد آهي . حريت ڪانفرنس جو بنياد 10 مارچ 1993ع تي پيو ، جيئن تہ حريت لفظ جي معنيٰ
آزادي ( Liberty ) آهي تنهنڪري ان اتحاد جو مقصد اقوام متحدہ جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهراءَ نمبر 47 مطابق ڪشميرين لاءِ حق خود اراديت ( Self determination ) حاصل ڪرڻ آهي . ڪانفرنس جي قيام وقت ان جي ميمبرن ۾ ” ڄمون ائنڊ ڪشمير لبريشن فرنٽ “ ( JKPL ) جو رهنما ياسين ملڪ ، ڄمون ائنڊ ڪشمير پيپلز ليگ ( JKPL ) جو رهنما شيخ يعقوب ، ” پيپلز ڊيموڪرِئٽڪ فرنٽ “ ( PDF ) ” اتحاد مسلمين “ جو مولانا عباس انصاري ، ” اسلامڪ اسٽوڊنٽس ليگ “ ۽ مسلم ڪانفرنس جو پهريون اڳواڻ عبدالغني بَٽ ، مير واعظ عمر فاروق شامل آهن . مير واعظم عمر فاروق بعد ۾ ڄمون ائنڊ ڪشمير عوامي ائڪشن ڪميٽيءَ جو چيئرمئن پڻ ٿيو . انهن سمورن آل پارٽيز حريت ڪانفرنس جي قيام ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو . 2002ع وارين عام چونڊن کانپوءِ آل پارٽيز حريت ڪانفرنس ٻن ڌڙن ۾ ورهائجي وئي . ان جو سبب اهو هو تہ حريت جي آئين جي ابتڙ ڪجهہ اتحادين چونڊن ۾ حصو ورتو . تنهن کانپوءِ هڪ ڌڙي جو اڳواڻ سيد علي شاھہ جيلاني ۽ ٻئي ڌڙي جو مير واعظ عمر فاروق ٿيو . عمر فاروق جو پيءُ 90 واري ڏهاڪي ۾ هڪ سياسي سازش تحت قتل ٿيو هو . 2004ع کان وٺي مير واعظ عُمر فاروق ۽ ڀارتي حڪومت وچ ۾ڪشمير جي مسئلي جي حوالي سان ٽي اجلاس ٿي چڪا آهن . جڏهن تہ سيد علي شاھہ جيلانيءَ واري ڌڙي جو مؤقف آهي تہ هندستان حڪومت سان ان وقت تائين ڪا بہ ڳالھہ ٻولھہ نہ ٿيندي ، جيستائين اها پنھنجي فوج ڪشمير مان ٻاهر نہ ٿي ڪڍي ۽ ڪشمير کي غير تڪراري رياست ( Undisputed territory ) طور قبول نہ ٿي ڪري . جنوري 2010ع ۾ طبش ڀٽ آل پارٽيز حريت ڪانفرنس جو اڳواڻ چونڊيو ويو . موجودہ آل پارٽيز حريت ڪانفرنس جي ميمبرن ۾:
( 1 ) مير واعظ عمر فاروق ( عوامي ائڪشن ڪميٽي ) ( 2 ) مولانا محمد عباس انصاري ( تحاد مسلمين ) ( 3 ) محمد عمر فاروق ( انجمن اوقافِ جامع مسجد ) ( 4 ) سـيـد قـاسـم شاھہ بخاري ( انـجـمـن تـبليغ الا اسلام ) ( 5 ) قاضي غلام محمد ( امت اسلامي ) ( 6 ) اشياق قادري ( آل ڄمون ائنڊ ڪشمير امـپـلائـيـز ڪـنـفـيـڊريـشـن ) ( 7 ) مــولانا طـاهـري ( جـمــاعت اَهِــل حــديــث ) ( 8 ) عبدالغني اظهري ( جماعت علماءِ اسلام ) ( 9 ) مولانا ايم ياسين همداني ( جماعت همدانيه ) ( 10 ) عبدالغني لون ( ڄمون ائنڊ ڪشمير پيپلز ڪانفرنس ) ( 11 ) محمد ياسين ملڪ ( ڄمون ڪشمير لبريشن فرنٽ ) ( 12 ) نور الحسن ( ڄمون ائنڊ ڪشمير هيومن رائيٽس ڪميٽي ) ( 13 ) مفتي بھاءُ الدين فاروقي ( ڄمون ائنڊ ڪشمير پيپلز بئس رائيٽس ( پروٽيڪشن ڪـمـيـٽي )
( 14 ) مولانا محمد عباس انصاري ( Liberation council ) ( 15 ) مولانا محمد مبارڪي ( ڪشمير بَزمِ توحيد ) ( 16 ) ميان عبدالقيوم ( ڪشمير بار ائسوسيئيشن ) ( 17 ) مس ضمرودا حبيب ( مسلم خواتين مرڪز ) ( 18 ) پروفيسر عبدالغني بٽ ( مسلم ڪانفرنس ) ( 19 ) عبدالصمد ( پوليٽيڪل ڪانفرنس ) ( 20 ) ثاقب ڀٽ ( تحريڪ حريت ڪشميري ) ( 21 ) شيخ يعقوب ( پيپلز ليگ ) ( 22 ) شڪيل بخشي ( اسلامڪ اسٽوڊنٽس ليگ ) ( 23 ) رفيق احمد مير ( امام احمد رضا اسلامڪ مشن ) ( 24 ) مولانا عبدالرشيد دائود
( 25 ) محمد فاروق رحماني ( ڄمون ائنڊ ڪشمير پيپلز فريم ليگ ) شامل آهن .