آمريءَ جو مقام

آمريءَ جو مقام:ميرپورخاص ضلعي ۾ ٽنڊي جان محمد لڳ پراڻ جي ڪناري تي هڪ قبرستان آهي، جيڪو ’آمريءَ جي مقام‘ جي نالي سان مشھور آهي. هيءُ قبرستان 700 سال پراڻو مسلم دور جو چيو وڃي ٿو. ١١ ھين صدي عيسويءَ ۾ ھن علائقي تي قرامطي خاندان جي حڪومت ملتان تائين ھئي. ھي ماڳ مڪليءَ کان ٣٠٠ سال پراڻو آھي. روايت آھي تہ محمود غزنوي ھتان، سکر ۽ شڪارپور کان ٿيندي موٽيو ھو تہ سندس لشڪر ۾ وبا پکڙجي وئي ۽ ھزارين فوجي مري ويا، جن کي اجتماعي قبرن ۾ دفنايو ويو. تحفة الڪرام موجب هن جاءِ تي شيخ بھاءُ الدين ملتاني آمريءَ جو هڪ وڻ پوکايو هو، جيڪو بعد ۾ خدا وارن بزرگن جي مشھور زيارتگاھہ بنجي ويو. شيخ بھاءُ الدين جي سلسلي جا فقير هن هنڌ سماع ۽ صحبت ڪندا هئا ۽ اهو سلسلو اڄ تائين جاري آهي. هڪ ٻي روايت موجب غوث بھاءُ الدين ذڪريا ھتي چلو بہ ڪڍيو. گدامڙيءَ جو وڻ ڪنھن بزرگ لڳايو ھو، جنھن جي اڳتي ھلي پوڄا ٿي تہ عبدالرحيم گرھوڙيءَ ان کي وڍائي ڇڏيو. مشھور ھندو ڀڳت ھنس نارائڻ جي سماڌي ۽ مندر بہ ھتي آھي. قبرستان جي حالت زبون آھي، ڪنھن بہ اداري جي سنڀال ھيٺ ڪونه آھي. ڪلر جي ڪري ھتان جون سڀ تربتون ۽ مقبرا ختم ٿي ويا آھن. ھڪ مقبرو ڪجهہ حال ۾ آھي، جنھن اندر چٽساليءَ جا نمونا بيٺل آھن. ھن قبرستان ۾ ستن ماموين جون قبرون پڻ موجود آھن، جن تي ڦرھي (ٻارن واري) جا نشان اڪريل آھن. ھتي شاھہ ڪريم جي دور جو ميھار فقير نوھڙي بہ دفن آھي. ھي قبرستان ١٠ بلاڪن تي پکڙيل آھي. هن جاءِ تي ڪيترائي اهل آرامي ٿيا ۽ اتي تمام وڏو قبرستان ٺھي ويو. آمريءَ جي وڻ جي نسبت سان هن قبرستان کي ’آمريءَ جو مقام‘ سڏجي ٿو. ميين شاھہ عنات رضويءَ بہ پنھنجي ڪلام ۾ هن مقام جو ذڪر ڪيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو