آمري

آمري

آمري 1

آمري1: سنڌ جي قديم آثارن ۾ تمام اهم حيثيت جا هي دڙا 10O26 اتر ويڪرائي ڦاڪ 01O68 ڊگهائي ڦاڪ تي آمري شھر کان اتر- اتر اولھہ اٽڪل 250 ميٽرن تي سيوھڻ- ڪوٽڙي روڊ جي ڀرسان ڄام شوري ضلعي ۾. انڊس ھائي وي جي ٻنھي پاسي واقع آهن. انهن دڙن جو صفا مٿيون تھه اسلامي دور- گهڻو ڪري مغل دور جو آهي. ٻئي تھه ۾ جهڪر ۽ چانهون دڙو / سنڌو سڀيتا جا آثار آهن ۽ ٽيون تھه آمري ثقافت سان لڳاپيل آهي. فرانس جي قديم آثارن جي ڄاڻن پاڪستاني قديم آثارن جي محڪمي جي تعاون سان 1959ع کان 1962ع تائين کوٽايون ڪيون. اوڀر واري دڙي مان ٽي رھائشي تھه کوٽيا. صفا مٿئين تھه مان اسلامي خاص طور تي مغل دور جا آثار مليا آھن. ھن دور جون اڏاوتون گهڻو ڪري ڪچين سرن جون آھن، پر پڪيون سرون بہ مليون آھن. ٻئي تھه مان ٽئين سھيسر ق- م جا آثار ملن ٿا. مٿان مليل ٺڪراٺي کي جهڪر ۽ چانھون جي ٺڪراٺي سان ڀيٽي سگهجي ٿو. ٽئين تھه مان ساماڻل سنڌو سڀيتا جي وٿن جهڙيون وٿون مليون آھن. ھنن آثارن سان گڏ پڪين سرن جو ھڪ خانو مليو آھي. جيڪو کوري طور ڪم آندل ٿي ڏٺو. ھن کان ھيٺ جيڪي شيون مليون آھن، تن کي آمري ثقافت سان لاڳاپيل سمجهجي ٿو. آمري دور جو ٺڪراٺو گهڻو ڪري چڪ تي لٿل آھي. پر ڪجهہ ھٿ سان ٺھيل ڪڍنگو ٺڪراٺو بہ ملي ٿو. ڪوري زمين جي مٿان موجود ثقافتي ڪٽي کي ڇڏي، باقي مڙني تھن ۾ اڏاوت جا آثار ملن ٿا. ھتي اھڙيون اڏاوتون بہ مليون آھن، جيڪي چوڌاري بند آھن.نہ در نہ دري. ھي شڪل ۾ چورس آھن. ھنن ڪوٺين ۾ ھڪ ٿلھي ۽ کھري نادي رکيل ھئي، جنھن جي تري ۾ رک، جيڪا ڄمي سيمنٽ ٿي وئي؛ سا پيل ھئي. ناديون گهڻو ڪري ڀڳل ھيون. ان مان سمجهجي ٿو تہ شايد ڪي ساميون ھيون جن جي نادين ۾ رکيل ھاٺي ھوندي. ٻئي تھه مان ملندڙ ٺڪراٺو ڳاڙھي رنگ جو آهي جنھن تي ڪاري- تي ڳاڙھا پٽا آھن. اھو مشھور سنڌوءَ وارو ٺڪر آھي. ان کان سواءِ سنھي ڀت سان، ننڍي ڳچيءَ واري ٿانون جو ٺڪر، ڳاڙھسري- ناسي پٽن سان، اندران چاڪليٽي ليڪون نڪتل ٿانون وارو ٺڪر ملي ٿو. دنيا ۾ ”آمري ٺڪر“ کي الڳ سڃاڻپ آھي. ھن قسم جو ٺڪر بلوچستان جي بہ ڪيترن ماڳن تي مليو آھي. ميٽوڙي رنگ (pale) جو ٺڪر جنھن تي مختلف نموني جا چٽ نڪتل ھجن سو آمري ٺڪر طور سڃاتو وڃي ٿو. ھي ٺڪر چڪ تي لٿل آھي. ھتي مسٽر مجمدار ٻہ کڏا کوٽيا ھئا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1959.00.00  عيسوي

فرانس جي قديم آثارن جي ڄاڻن پاڪستاني قديم آثارن جي محڪمي جي تعاون سان 1959ع کان 1962ع تائين کوٽايون ڪيون .



قديم آثار - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ٻڌڪي سائيٽ
اجنتا جون غارون
ابراهيم حيدري
آسورن جو دڙو
انڙ ڪوٽ کيرئين ڪوٽ
آسوڪا جي ٽڪري
آمري جو دڙو
ٺڪر جا ٿانو
آمري 1
اَمراڻو
قديم آثار ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون