
آمنه بلوچ
آمنہ بلوچ: سينئر سفارتڪار آمنہ بلوچ سيپٽمبر 1966ع ڌاري مشھور تعليمدان، محقق ۽ لوڪ ادب جي ڏاهي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي گهر جنم ورتو. ابتدائي، ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليم ماڊل اسڪول سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد، فيڊرل اسڪول، اسلام آباد ۽ فيڊرل ڪاليج فار وومين، اسلام آباد مان حاصل ڪري، نوابشاھہ ميڊيڪل ڪاليج ۾ ايم. بي. اي. ايس ۾ داخلا ورتي. طِب جي تعليم سندس مزاج وٽان نہ هئڻ ڪري ڇڏي ڏني ۽ واپس قاعد اعظم يونيورسٽيءَ اسلام آباد ۾ ’جنرل هسٽري‘ شعبي ۾ داخلا ورتي. تحقيق جي شعبي سان دلچسپي هئي. هن جنرل هسٽري ۾ فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن کنئي، جنھن کانپوءِ هن ايم. فل ۽ پي ايڇ. ڊي لاءِ تياري شروع ڪئي. ان دوران 1991ع ۾ سي. ايس. ايس جي امتحان ۾ ڪاميابيءَ تي کيس فارن سروس گروپ مليو. پر جيئن تہ ان وقت ڊاڪٽر بلوچ رٽائرمينٽ کان پوءِ حيدرآباد پنھنجي گهر ڪٽنب سان اچي رهيو، ان ڪري آمنہ بلوچ انڪم ٽيڪس ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر، حيدرآباد طور پنھنجي نوڪري جي شروعات ڪئي. ٽن سالن بعد واپس فارن سروس ۾ وزارت خارجہ اندر سيڪشن آفيسر مقرر ٿي ۽ ائين Nan Yang Technological يونيورسٽي سنگاپور مان ايم. بي. اي جي ڊگري حاصل ڪرڻ کانپوءِ 1991ع ۾ پاڪستان جي فارين سروس ۾ شموليت اختيار ڪري سياسي، انتظامي ۽ پروٽوڪول ڊويزن ۾ مختلف عھدن تي اهم ذميواريون انجام ڏنيون. ان کان علاوہ جهانسبرگ ۾ ڊپٽي پروٽوڪول آفيسر مقرر ٿي ۽ پوءِ سريلنڪا ۾ هاءِ ڪمشنر مقرر ٿي، جتان چين شنگهائي ۾ قونصل جنرل (2014ع کان 2017ع)، ملائيشيا ۾ هاءِ ڪمشنر (2019ع کان 2023ع)، يورپي يونين، بيلجيم ۽ لڪسمبرگ ۾ سفير (2023ع کان 2024ع) طور ڪم ڪري چڪي آهي. هن وقت پاڪستان جي پرڏيھي سيڪريٽري جي عھدي تي فائز آهي.