آمنہ بيبي: آنحضرت محمد مصطفيٰ صلي ﷲ تعاليٰ عليہ وسلم جن جي والدہ سڳوري، حضرت بيبي آمنہ بنت وهب بن عبدالمناف قريش قبيلي جي نهايت ئي پاڪدامن ۽ نيڪ صورت عورت هئي. سندس والد بنو زھرہ جو سردار ۽ قريش قبيلي ۾ نهايت محترم ۽ عزت وارو ليکيو ويندو هو. سندس والدہ جو نالو برة بنت عبدالغزيٰ بن ڪلاب هو. بيبي صاحبہ جو نڪاح، آنحضرت صلي ﷲ عليہ وسلم جن جي والد بزرگوار، حضرت عبدالله سان ٿيو. حضرت عبدالله شاديءَ کان ستت ئي پوءِ خاندان سان گڏ واپار سانگي شام ملڪ ڏانهن ويو. واپسيءَ تي پنھنجي والد عبدالمطلب جي هدايت موجب، مدينه طيبہ ۾ کجور جي واپار خاطر رهي پيو. مڄاڻ جو اتي بيمار ٿي پيو ۽ 25 ورهين جي ڄمار ۾ دارالبقا ڏانهن راهي ٿيو. کيس مديني منوره ۾ دفنايو ويو. سندس وفات کانپوءِ بيبي آمنہ سڳوري اڪيلي ٿي پئي. آنحضرت صلي ﷲ عليہ وسلم جن اڃا سندس شڪم مبارڪ ۾ ئي هئا. ستت ئي حضور اڪرم صلي ﷲ عليہ وسلم جو ظھور 12 ربيع الاول سنہ 1 ”عام الفيل“ 22 اپريل 571ع ۾ مڪي پاڪ ۾ ٿيو. عرب جي دستور موجب کين چار سال، دائي حليمه وٽ کير پيئڻ، تربيت ۽ ڳوٺاڻي ٻولي سکڻ لاءِ ڇڏيو ويو. جڏهن حضور ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جن جي عمر ڇھہ ورهيہ ٿي، تہ بيبي آمنہ سيده کي خيال ٿيو تہ پنھنجي مڙس جي مزار جي زيارت ڪريان ۽ پيڪن کان بہ ٿي اچان. انهيءَ ارادي سان حضور صلي ﷲ عليہ وسلم جن کي ۽ پنھنجي ورثي ۾ مليل ٻانهي، ”اُم ايمن“ کي ساڻ ڪري، مديني پاڪ پهتي. بيبي آمنہ مديني ۾ دارا النابغه ۾ هڪ مهينو ٽِڪي، پوءِ جيئن ئي واپسيءَ جي سفر تي اُسهي ۽ منزل آبواءَ پهتي تہ سندس زندگيءَ جا ڏينهن پورا ٿيا، سندس آخري آستانو بہ اتي ئي ٿيو.