ڊاڪٽر آمنه سومرو

ڊاڪٽر آمنه سومرو

آمنہ سومرو ڊاڪٽر

آمنہ سومرو، ڊاڪٽر: ڊاڪٽر آمنہ سومرو پھرين اپريل 1978ع تي ضلعي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ عالي کبڙ ۾ ڄائي. سندس والد جو نالو محمد حسن سومرو آهي. آمنہ سومرو پرائمري کان ثانوي تائين تعليم لاڙڪاڻي مان پرائي. 1999ع ۾ بي ايس سي ۽ 2001ع ۾ ايم اي سنڌي جي ڊگري شاھہ لطيف يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪئي. 2006ع ۾ مقابلي جو امتحان پاس ڪري ليڪچرر ٿي ۽ 2015ع ۾ ”انيس انصاريءَ جون علمي ۽ ادبي خدمتون“ جي موضوع تي ڪراچي يونيورسٽيءَ مان پي ايڇ ڊي ڪئي. سندس ڪھاڻين جو ڪتاب ”عورت ۽ احساس“ 2019ع ۾ شايع ٿيو. هن وقت هوءَ خاتون پاڪستان ڪاليج ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور ڪم ڪري رهي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1978.04.01  عيسوي

ڊاڪٽر آمنه سومرو پھرين اپريل 1978ع تي ضلعي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ عالي کبڙ ۾ ڄائي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حمود الرحمان جسٽس
ڀاتکنڊي وشنو نارائ
ٿيوو فقير لاشاري
ڇٽو فقير ڪوريجو
پوراني ميرڪ سيد عبدالوهاب ٺٽوي
غلام رسول خاموش
قاضي محمد يحيٰ جعفري ٺٽوي
راما پير
حنيف رامي
پير شاھہ ڪوثر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون