
آمو دريا
آمُو درياءُ: تاجڪستان جو هڪ مشھور درياءُ، جيڪو پامير جي مٿانهين پٽ وٽان نڪري پهرين سڌو الهندي طرف هلي، پوءِ ترمذ کان ڪجهہ اتر طرف رهي، ارل ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪندو آهي. هيءُ درياءُ وچ اوڀر ۽ هند- پاڪ جي تاريخ جو اهم ڪردار آهي. هن درياءُ جو ’آمو‘ نالو غالباً ’آمل‘ شھر جي ڪري مشھور ٿيو. ايران جي فتح کان پوءِ عرب هن درياءَ کان اڳتي واري علائقي کي ”ماوراءُ النهر“ يعني درياءَ پار وارو علائقو چوڻ لڳا. هيءُ هڪ تاريخي درياءُ آهي، جنهن جي ٻنهي ڪنارن تي ڪئين شھر آباد هئا ۽ اڃا تائين ڪئين شھر آباد آهن.