آمين: ”آمين“ اصل ۾ عبراني زبان جو لفظ آهي، جيڪو عربي زبان ۾ پڻ ساڳي صورت ۾ استعمال ٿيو آهي. هن لفظ جي لغوي معنيٰ آهي ”خدايا قبول ڪر“. گهڻو ڪري هي لفظ ”سورة الفاتحه“ (الحمد شريف) جي پُڄاڻيءَ تي ۽ هر دعا جي آخر ۾ چيو ويندو آهي. قرآن پاڪ ۾ هي لفظ نہ آهي، ۽ نہ ئي وري ٽئين خليفي جامع القرآن حضرت عثمان غني رضي الله عنه جي مرتب ٿيل ابتدائي نسخي ۾ آيل آهي. البته هر دعا جي آخر ۾ ”آمين“ چوڻ سنت آهي، جنهن مان خير ۽ برڪت جي مراد ورتي وڃي ٿي.