آنند رامچند گولاڻي: ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار آنند رامچند گولاڻي 16 آڪٽوبر 1925ع تي ڀاڳو ديري ضلعي نوابشاهه (هاڻي شھيد بينظير آباد) ۾ ڄائو. آنند رامچند گولاڻي ڪھاڻين سان گڏ ناول به لکيا. ورهاڱي کانپوءِ ڀارت لڏي ويو. هن ڪھاڻيءَ کانسواءِ ادب جي ٻين صنفن ۾ به پاڻ موکيو. شيخ اياز 1947ع ۾ ”سنڌي ڪھاڻيون“ جي نالي سان چونڊ ڪھاڻين جو هڪ ڪتاب تيار ڪيو، جنھن ۾ آنند گولاڻيءَ جي بھترين ڪھاڻي ”سو مان چئي هئي“ به ڇپي هئي. ساڳئي وقت آنند گولاڻي جو ڪتاب ”ڦڙڪ“ به ڇپجي پڌرو ٿيو. 1944ع ۾ گوبند مالهي”ريگستاني ڦول“ جي نالي سان ڪھاڻين جو هڪ مجموعو مرتب ڪري ڇپايو، جنھن ۾ مختلف ڪھاڻيڪارن جون 13 طبعزاد ڪھاڻيون هيون، ان ۾ ٻين سان گڏ آنند گولاڻيءَ جون ڪھاڻيون به شامل ڪيون ويون.
”چريو“، ”ڪشمور جيون“، ”ڪمزور ڪڙيون“، ”سنگ“، ”پرهه ڦٽي“،
”ڦڙڪ“،”سنڌڙيءَ جا شل ڳوٺ وسن“ ۽ ”سنڌو“ گولاڻيءَ جون مکيه ڪھاڻيون آهن. جڳديش لڇاڻي لکيو آهي ته ”آنند گولاڻيءَ کي پنھنجين ڪھاڻين جي مسئلن کي ڳولھڻ لاءِ گهڻو پري وڃڻو نه پوندو آهي. رستي تي هلندي ساڻس گڏ ڪھاڻي به همراهه هوندي آهي“. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ”چريو“ (افسانا)، ”ڪشمور جيون“ (افسانا)،
”مڄو“ (ناول)، ”زندگي خواب آهي“ (ناول)، ”پنھنجو موت“ (ناول)،
”ڪمزور ڪڙيون“ (افسانا)، ”ڦڙڪ“ (ڪھاڻي)، ”راڻيون“ (ڪھاڻي)، ”چار ڪھاڻيون“، ”سو مان چئي هئي“ (ڪھاڻي)، ”ليکڪ سان ملو“ (ناول)،
”مان جيڪر سنڌي هجان“ (ڪھاڻي)، ”مان نئون جنم وٺندس“ (ناول)،
”توبهه“ (ڪھاڻي)، ”گامڙو“، ”ڌريل“، ”ريگستاني ڦول“، ”پرهه ڦٽي“،
”جليا نوالا جو ڪوس“، ”منھنجو موت“، ”سنڱ“ ۽ ”نراشا“ شامل آهن. آنند گولاڻي 2001ع ۾ ڀارت ۾ وفات ڪئي.